جيڪب آباد(رپورٽ:صاحب خان چانڊيو ) جيڪب آباد صوبائي صلاحڪار جيل خانه جات و پ پ پ ڊويزنل صدر لاڙڪاڻو مير اعجاز حسين خان جکراڻي جي ھائوس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ضلع جيڪب آباد پاران قائد ملت ۽ ايشيا جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 95 هين سالگرهه جي ھڪ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي جنھن ۾ 6 پائونڊن جو ڪيڪ ڪاٽي قائد ملت ۽ ايشيا جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ضلعي جي سينيئر نائب صدر محسن علي سرڪي،جنرل سيڪريٽري محمد عارف دايو،سٽي صدر سردار حنيف خان بليدي،سينيئر نائب صدر عمران علي جکراڻي،سٽي جنرل سيڪريٽري شوڪت علي گھنيو،نائب صدر منير احمد لانگاھ،انفارميشن سيڪريٽري سٽي سجاد احمد مستوئي،هاري ڪميٽي جي ڊويزنل صدر ديدار علي جکراڻي،اسلم بروھي،احتشام سعيد شيخ،شان لاشاري،دلاور لاشاري،عابد ڀٽي،برڪت دشتي،مدر ونگ،هاري ڪميٽي،يوٿ ونگ،سپاف،ليبر،انجينئرنگ فورم جي عھديدارن ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي موجود اڳواڻن پنھنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي قائد ملت شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملت و عرض پاڪ وطن جي بقا، بھبود و سلامتي لاءِ ملڪ و ملت دشمن قوتن آڏو نه جهڪيو،نہ وڪيو، ھن ھميشه جابر قوتن سان مھاڏو اٽڪائي تاريخ ۾ پنھنجو نالو روشن ڪيو آهي، اڄ به سندس سياسي دشمن قوتون شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪردار تي مثالون ڏيندا آهن.
