خدارا اٽو سستو ڪيو

عبدالواحد سولنگي
غريبن تي ڪجھ رحم ڪرو رب جي لاٺي بي آواز آهي خدارا اٽو سستو ڪرو هڪ بيوس پيء اڳيان اولاد جو بُکيو پيٽ زندگي جو بدترين منظر هوندو آهي. ظالم حڪمرانو اٽو سستو ڪريو جيڪڏهن بُک ۾ بغاوت اٿي ته اوهان جي محلن جا بنياد ئي کائي ويندي اٽو سستو ڪيو ظالمو ھر ڪنهن وٽ توھان وانگر حرام ڪمائڻ جا ذريعا ناھن زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏک ڏيڻ واري شيءِ غربت آهي ڇو جو ان ۾ رت جا رشتا به ڇڏي ويندا آهن مھانگائي جو احساس صرف حلال ڪمائڻ وارن کي آھي حرام خورن کي ڪھڙي خبر ته غريب جي زندگي ڪئين ٿي گذري خدارا اٽو سستو ڪريو اٽو سستو ڪيو يا زهر فري ڏيو .غريب مزدور جنهن جي مزدوري 500 روپيه آهي اهو ڇا ڇا وٺندو هڪ ويلو به مشڪل سان کائيندو ته ٻيو ويلو ڪٿان آڻيندو ٽيون ويلو ناشتو ڪرڻ ته غريب طبقي ڇڏي ڏنو آهي ان کان پوءِ ٻارن جي تعليم اها به وڃي کڏ ۾ پوي پر انهن جي علاج جو ڇا ٿيندو مطلب ته ٻچڙن کي بُکن ۽ تڙپي تڙي مرڻ کان بهتر آهي ته سنڌ حڪومت هر تڪ جي ايم پي اي ايم اين اي ۽ پوء شهر کي لُٽيندڙ جيڪي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ آهن انهن کي هڪ دفعو زهر جون ٽرڪون ڀري ڏنيون وڃن جيڪي هي ڪامورا ۽ شهر جا ڌاڙيل خوشي سان غريبن ۾ تقسيم ڪندا انهن جي حوالي ڪيون وڃن ته نه رهندو غريب نه ٿينديون دانهون500 ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور 5500 رپيا مڻ اٽو ڪيئن خريد ڪندو ھوندو جڏهن توهان ڪڻڪ خريد 2000 تي ڪيو مسڪينن کي بک وگي نه ماريو خدارا اٽو سستو ڪيوظالمو اٽو سستو ڪيو، غريب مسڪين صرف اٽو ته کائين ٿا ٻيو ڇا ٿو ملي کائڻ لاءِ ھنن کي، جيڪڏهن اٽو غريب جي وٺڻ کان مانگھو ٿيو ته ھو ڇا کائيندا ڪجھ ته خدا جو خوف ڪيو لهندو سپرين اسان جي ڪير سار اسان چيف جسثس پرزور اپيل ٿا. ڪريون ٿا ته خدا جي واسطي انصاف جو آخري رستو توهان وٽ آھي تنهن ڪري هنن مسڪينن ماروئڙن جي سار لهو ۽ٻيا سڀ ڪيس ڇڏي هن مهنگائي جي خلاف ايڪشن کڻو نت ماڻھون خدڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا. خداراهن عوام جي سارلهنده۔ اسڪولن تي ڇاپن لاءِ سيڙجي ويندڙ جج صاحبان کي عرض آهي ته اٽو مهانگو ڪيو ويو آهي اوهان اسڪول کي ڇڏيو مزدور لاءِ ايڪشن وٺو اٽو سستو ڪرائي ڏيو مزدور جيئرو هوندو ته ٻار به پڙهائي وٺندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں