دڙو ڀرسان ساس جي چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو

دڙو (ن س) دڙي ويجهو ڳوٺ اوٺا ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ اوٺا ۽ سگا شاخ دڙو پاران سنڌي ادبي سنگت جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻي ۽ نوجوان شاعر محمد عرس اوٺو جي شاعري مجموعي ساڻيھ سندي سڪ جي مهورتي تقريب. ڳوٺ اوٺا ۾ ناليواري اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو خطاب ڪندي چيو تہ محمد عرس اوٺو سهڻو تخليقڪار ۽ سنڌ دوست ماڻهو آهي سندس ڪتاب جي نالي مان وطن پرستي ملي ٿي سندس شاعري ۾ وطن سان محبت جو جذبو ۽ احساس اتم طريقي سان بيان ٿيل آهي جڏهن تہ سندس رومانوي جذبا، ذاتي احساس ۽ سماج ڏانهن هن جي نظر آھي ان جو احساس بہ هن ڪتاب مان ٿئي ٿو سندس شاعري ۾ پختگي آهي، تقريب کي خطاب ڪندي آزاد انور ڪانڌڙو چيو تہ محمد عرس اوٺو پختگو شاعر آهي سندس شاعري ۾ پيار جو پرچار،اسان ۽ توهان جي دلين جي ترجماني، پنهنجي ڌرتي ۽ سرخ ثبوتن جون ڳالهيون بہ شامل آهن.جئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو تہ محمد عرس اوٺو سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر آهي سندس شاعري ۾ رومانس سان گڏ قومي فڪر ۽ حب الوطني جو احساس بہ موجود آهي هن چيو تہ شاعري جيڪڏھن پنهنجي وطن جي خوشبو سان واسهيل ناهي ان ۾ پنهنجي وطن جو درد نٿو ٽپڪي تہ اھا شاعري گهڻي وقت تائين ماڻهن جي دلين ۾ نٿي رهي سگھي ان موقعي تي تقريب کي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري رمضان ميمڻ، جسقم اڳواڻ اسلم خيرپوري، واحد سوز ملاح، احساس ميرل، صادق لاکو، علي محمد ڀٽو، عرس اوٺو، يوسف ڀٽو، ذوالفقار زعم لاکائي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن تہ ان موقعي تي نوجوان شاعر محمد عرس اوٺو جي شاعري مجموعي ساڻيھ سندي سڪ جو مهورت ڪيو ويو ۽ آيل مهمانن کي اجرڪن ۽ لنگهين جا تحفا پيش ڪيا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں