راڻيپور ۾ جسقم جو بدامنيءَ خلاف احتجاجي مظاهرو

راڻيپور(ن س) جسقم شاھ لطيف وڏا ڀيلار پاران ڳوٺ وڏا ڀيلار ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جي خلاف جسقم اڳواڻ مجيب آزاد ڀيلار جساف اڳواڻ قلب عباس سولنگي، نادرڀيلار،زبير سھتو،يونين ڪائونسل گڏيجي جو وائيس چيئرمين غلام نبي سھتو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب راڻيپور جي سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو ڪندڙن بدامنيءَ تي ڪنٽرول ڪيو ڏوھارين کي گرفتار ڪيو جا نعرا ھڻي رھيا ھئا ۽ بدامنيءَ جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ھنن چيوته راڻيپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا ڀيلار ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي ڏينھن ڏٺي جو گھرن جي دروازن تان موٽرسائيڪليون چوري ٿي وڃن ٿيون ۽ رات جو دوڪانن مان چوريون ٿيڻ معمول بڻجي ويون آهن ڏوھاري سرعام گھمي رھيا آھن پوليس بااثرن جي بنگلن تي حاضري ڀرڻ ۾ پوري آهي سندن کان ڪوبه پڇڻ وارو ناهي شريف ڳوٺاڻن جي جانين کي پڻ خطرو آهي ھنن ايس پي خيرپور کان چورين جي واپسي ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ ڏوھارين جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي گھر ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں