لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان نائين ڏهين ڪلاس جي فيس اوڳاڙڻ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان نائين ۽ ڏهين درجي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان امتحاني فيس اوڳاڙڻ خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ انگلش ماڊل اسڪول جي شاگردياڻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي اسڪول جي مک گيٽ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين، استادن جي اڳواڻي ۾ وي آءِ پي روڊ بند ڪري تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي چيئرمين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. گورنمينٽ ميونسپل هائير سيڪندري اسڪول جي شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري اسڪول جي مک گيٽ ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اسڪول جي ايف اي علي حسن کوکر، جواد جعفري، عيسيٰ ميمڻ، شاگردن ياسر منگي، زاهد حسين ميمڻ، شاگردياڻين طوبا بتول، سونيا سيال، انيس فاطمه، عروج، مسڪان، سمرين، آسيه ،سڌارا، فاطمه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران مفت تعليم سان گڏ ڪتاب ڏنا ويندا آهن، پر هن ڀيري تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي طرفان امتحانن جي مد ۾ نائين ڪلاس جي شاگردن، شاگردياڻين 11 سئو ۽ ڏهين درجي جي شاگردن، شاگردياڻين کان 26 سئو سالياني فيس ورتي پئي وڃي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جو اعلان ٿيل آهي ته سڄي صوبي اندر تعليم مفت ڪئي وئي آهي، پر پوءِ به اسان کان فيس ورتي پئي وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن تعليمي بورڊ پاران فيس ورتي وئي ته ڪيترائي غريب مسڪين شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحانن ۾ ويهي سگهندا، جنهن لاءِ اسان پي پي پي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته معاملي جو نوٽيس وٺي تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي چيئرمين کان پڇاڻو ڪري فيس معاف ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں