ملير ۾ پورهيتن جو ڀتا مافيه ۽ بليڪ ميلر ٽولي خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

ملير(ڊ.ر) ملير ضلعي جي مختلف خانگي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن پاران ڀتا خور ۽ بليڪ ميلر ٽولي خلاف ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڀتا مافيا ٽولي خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي پورهيت اڳواڻن آصف لغاري، نظير عارباڻي، اسد ٻگهيو، پرويز جتوئي، نجمه، طيبا ۽ ٻين چيو ته ملير ضلعي جي مختلف نجي ڪمپنين قاسم ٽيڪسٽائل مل ۽ ٻين ڪمپنين ۾ ڀتا مافيا ۽ بليڪ ميلر ٽولي پاران پورهيتن جي نالي تي خانگي ڪمپنين جي انتظاميا کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن جيڪي پورهيتن جي حقن جون ڳالهيون ڪري مختلف هربا استعمال ڪري بليڪ ميلنگ ذريعي ڀتو اڳاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته اڄوڪي احتجاج ۾اڪثريت قاسم ڪمپني جي ملازمن جي آهي اسان کي هن ڪمپني ۾ هر مهيني وقت سر 25 هزار پگهار سميت ٻيون مراعتون ملي رهيون آهن ان باوجود بليڪ ميلر ٽولو جعلي پورهيتن ذريعي هٿ ٺوڪيا احتجاج ڪري انتظاميا کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي جنهن جو اثر اسان سنڌي پورهيتن تي پئجي رهيو آهي اهڙي عمل سان سنڌي نوجوان لاءِ روزگار جا دروازا بند ٿي ويندا بليڪ ميلر ٽولي پنهنجي ذاتي مفاد خاطر سنڌي نوجوانن کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي سندن غلط حرڪتن جي ڪري ڪمپنين مان ڪڍيو ويو ۽ هاڻ هو ٻين سنڌي پورهيتن کي ڪڍرائڻ چاهن ٿا جنهن عمل جي اسين ڀرپور مذمت ڪيون ٿا ۽ اسان قومپرست تنظيمن ۽ ساڃاهه وندن کي اپيل ڪيو ٿا سنڌي پورهيتن کي بدنام ڪندڙ ڀتا مافيا ٽولي جي مدد ڪرڻ بدران انهن کي روڪيو وڃي ته جيئن ڪمپنين ۾ سنڌي پورهيت پنهنجو روزگار ڪري سگهن، هنن چيو ته بليڪ ميلر ٽولو مختلف ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي پورهيتن جا دشمن آهن جن جي ڪري سنڌي پورهيت بدنام ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته ڀتا خور ٽولي جي چوڻ تي ڪجهه پورهيتن ڪمپني اندر سازشون ڪيون جنهن سبب کين ڪمپني انتظاميا ڪڍي ڇڏيو هو ۽ اڄ اهي بيروزگار پورهيت ڀتا خور ٽولي سان گڏجي مختلف ڪمپنين خلاف سازشون ڪري رهيا آهن جيڪا سندن ناڪام ڪوشش آهي، هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڀتا مافيا ۽ بليڪ ميلر ٽولي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري حقيقي پورهيتن کي تحفظ ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں