لاهور (بيورو) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺندو يا نه ؟ ان حوالي سان پرويز الاهي چيو آهي ته اعتماد جي ووٽ بابت گورنر جي خط کي نٿو مڃان، اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو مطلب گورنر جو خط تسليم ڪرڻ هوندو. پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو ته گورنر اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو غيرقانوني حڪم ڏنو اسان اِهو نٿا مڃون. پرويز الاهي چيوته پاڻ کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اعتماد جو ووٽ ڏيارڻ واري اعلان کان ڌار ڪري ورتو ۽ چيو ته اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي ڪائي ضرورت نه آهي، گورنر پنجاب جي غيرقانوني حڪم کي نٿو مڃان، پي ٽي آءِ کي گهرجي ته غيرذميواراڻن بيان نه ڏي، پنجويهين تاريخ تي پنهنجي حشر کي ياد رکي سندن زبانون ٻاهر نڪري آيون هيون. هن چيو ته هو عمران خان ويجن جي بنياد تي اڳتي وڌي رهيو آهي، هن عمران خان کي قائد اعظم کانپوءِ سڀ کان وڏو ليڊر پڻ قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته اعتماد جي ووٽ جي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اڄ وري عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته مجلس وحدت المسلمين جي زهرا نقويءَ ۽ پي ٽي آءِ جي مومنه وحيد اعلان ڪري چڪيون آحن ته هو پرويز الاهي کي ووٽ نه ڏينديون.
