پکو(ن س) پکو لڳ ڳوٺ ٿرڙي ھاشم وٽ جي يو آء تعلقي نصيرآباد ۽ وارھ جي ڪارڪنن پاران ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ مھانگائي برسات متاثرن جي جڳھن جي مڪمل سروي نه ٿيڻ ٻج ڀاڻ جي مد ۾ غريبن مسڪينن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ بدامني خلاف مولوي گل انقلابي، مولوي محمد صديق منڱڻجو، مولوي عبدالحليم ڇٽو، حسين منڱڻجو، قاري محمد عثمان مغيري، مولوي محمد صديق مڱڻيجو، مولانا عبدالھادي تنيو ۽ مولوي صفيان تنيو جي اڳواڻي ۾ سنڌ حڪومت ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ اي سي وارھ ۽ نصيرآباد خلاف ڳوٺ ٿرڙي ھاشم وٽ انڊس ھاء وي تي ڌرڻو روڊ ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏي جنھن سبب مختلف شھرن ڏانھُن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جڏھن ته ڌرڻي ۾ گھوٽ پنھنجي ڪنوار ۽ ڃڃ سميت ڦاسي پيو مڇريل ڪارڪنن پاران ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن مولوي محمد صديق مڱڻيجو، مولوي محمد ياسين ڪانڌڙو، قاري محمد عثمان مغيري، مولانا صفيان تنيو، قاري محمد اسحاق شيخ ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ برسات سبب متاثر ٿي آھي برسات سبب لکين گھر ڪري تباھ ٿي ويا آھن لکين ماڻھو متاثر ٿي بي گھر ٿي ويا آھن پر سنڌ حڪومت برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيلن جي ڪابه سھائتا ناھي ڪري سگھي برسات سبب متاثر ٿيل بي يارو مددگار بڻيل آھن ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ اي سي وارھ ۽ نصيرآباد غريبن مسڪينن لاء آيل سامان پنھنجي من پسند ماڻھن کي ڏنو آھي برسات متاثرن لاء ٻاھرين ملڪن مان آيل قيمتي سامان چونڊيل نمائندن ۽ پنھنجن گھرن ۾ رکيو ويو آھي برسات متاثر ٿڌ ۾ تڙپي رھيا آھن پر کين گرم سامان به نٿو ڏنو وڃي جڏھن ته برسات بعد سنڌ حڪومت ھٿرادو طور ايتري ته مھانگائي ڪري اٽي سميت ٻيون کائڻ پيئڻ جون شيون ايتريون ته مھانگيون ڪيون ويون آھن جو غريب مسڪين ماڻھو ھڪ ويلي جي ماني به نٿا کائي سگھن عوام کي اٽي لٽي ۽ اجھو جو نعرو ڏئي کانئن اھي ٽئي شيون کسيون ويون آھن ھن وقت سموري ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جا برسات متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن برسات متاثرن لاء آيل اربين رپيا حڪمران ڊي سي ۽ اي سيز سان ملي ڀڳت ڪري کائي ويا آھن ھن وقت ايتري ته بدامني آھي جو ماڻھو ڏينھن جو به پاڻ کي محفوظ نٿا سمجھن ھُنن مطالبو ڪيو ته ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ اي سي وارھ ۽ نصيرآباد کي ھٽائي لاڙڪاڻي بورڊ پاران شاگردن کان امتحاني فارمن جي وصول ڪيل فيس ختم ڪئي وئي وڃي لڳل ڌرڻي ۾ آيل ڊي ايس پي نصيرآباد کي اڳواڻن موٽائي ڇڏيو ٽن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو جاري آھي.
