ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) طرفان عمران خان اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ڪرڪيٽ راند منعقد ڪئي وئي جنهن جو خاص مھمان ايم ڊي غلام مصطفي سھاڳ، ڊائريڪٽر آپريشن ذوالفقار جتوئي، ڊائريڪٽر ايڇ آر لبنا رضوي، ريجنل ڊائريڪٽر ڪراچي عبدالغني ميمڻ، نعيم خٽڪ پڻ ھئا، ڪرڪيٽ راند ۾ اسٽيوٽا ھيڊ ڪوارٽر اي، بي ٽيمن ۽ ڪراچي ريجن ٽيم حصو ورتو ٽن رائونڊ کان پوءِ فائنل ميچ ڪراچي ريجن کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪيو جڏهن تہ اسٽيوٽا ھيڊ ڪوارٽر اي ٻين نمبر ۽ بي کٽڻ ۾ ناڪام رھي کٽيندڙ ۽ ھارائندڙ ٽيمن جي حصو وٺندڙ رانديگرن کي ايم ڊي غلام مصطفي سھاڳ طرفان مڊل ۽ ٻيا انعام ڏنا ويا سجايل تقريب کي سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جي مينئجنگ ڊائريڪٽر غلام مصطفي سھاڳ خطاب ڪندي چيو تہ ٽيڪنيڪل تعليم سان گڏوگڏ اسان جي ڪوشش آهي تہ ڪرڪيٽ سميت ٻين راند وارين سرگرمين ۾ به حصو وٺون جيئن ٻوساٽيل ماحول مان ٻاهر نڪري سگهون ھن وڌيڪ چيو تہ ھي ڪرڪيٽ ميچ پھرين ڪوشش جي ھڪ وک آهي ايندڙ وقت تي سموري سنڌ جي ڪاليجن ۽ ھيڊ ڪوارٽر ۾ مقابلا ڪرايا ويندا ۽ اڳتي ھلي پاڪستان جي ٻين صوبن جي ٽيوٽا سان ميچ کيڏي ويندي جيئن تعليمي سرگرمين سان گڏ صحت مند سرگرميون ٿي سگهن ھن چيو تہ اڄ پنهنجي اسٽاف ۽ ڪاليجن جي استادن کي وندر ۾ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تقريب کي ڊائريڪٽر آپريشن ذوالفقار جتوئي خطاب ڪندي چيو تہ ٽيڪنيڪل تعليم سان گڏ ٽيڪنيڪل صحت مند معاشرو قائم ٿيڻ لاءِ ڪرڪيٽ ميچ منعقد ڪرائي وئي جنهن جو سھرو ايم ڊي غلام مصطفي سھاڳ ڏانهن وڃي ٿو ڊاڪٽر ايڇ آر لبنا رضوي چيو تہ ڪوشش آهي تہ ايندڙ وقت ۾ وومين ڪرڪيٽ ميچ يا ٻيون رانديون منعقد ڪيون وينديون جنهن سان کاتي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين ۾ حوصلو پيدا ٿئي ۽ صحت مند سرگرمين ۾ اڳڀرو ٿين نعيم خٽڪ چيو تہ اسٽيوٽا جو ھڪ بھترين قدم آهي چيئرمين سليم رضا جلباڻي ۽ ايم ڊي غلام مصطفي سھاڳ جون ڪاوشون ساراھ جوڳيون آهن جن اسان کي آفيس جي ڪم وارين پريشانين کان ٻاهر ڪڍي اسان لاءِ صحت مند سرگرميون منعقد ڪري رھيا آھن. ڪرڪيٽ ميچ جي آخر ۾ دھل ۽ شرنائي تي جھمريون کيڏيون ويون ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ويو.
