اوٻاوڙو:مفت طبي ڪئمپ ۾ اکين جو آپريشن ڪيو ويو

ڪراچي (پ ر) اکين جي مفت ڪيمپ ۾ اکين جي چڪاس سان گڏ فيڪو ٽيڪنالاجي سان اکين جو آپريشن ڪيو ويو. الشفا ٽرسٽ آئي اسپتال جي ٽيم ليڊر عاطف رياض، ڊاڪٽر ياسر، او جي ڊي سي ايل جي ڊاڪٽر پيربخش ميراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽن ڏينهن واري ڪيمپ ۾ 1000 کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو ويو. جنهن ۾ 280 کان وڌيڪ مريضن جي اکين جا آپريشن ڪيا ويا جڏهن ته 2700 مريضن کي چشما ۽ ​​3500 مريضن کي دوائون فراهم ڪيون ويون جڏهن ته 40 کان وڌيڪ مريضن کي الشفاء اسپتال سکر ريفر ڪيو ويو جتي بعد ۾ انهن جا مفت آپريشن ڪيا ويندا. او جي ڊي سي ايل آر سي سي سکر سيد قمر زمان شاهه ٽن ڏينهن دوران ڪئمپ جو معائنو ڪيو ۽ الشفا ٽرسٽ آئي اسپتال پاران علائقي جي ماڻهن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں