اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنرل باجوا ڪوشش ڪئي ته عمران خان جي ذريعي پاڪستان اڳتي وڌي، پر عمران خان دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ۽ سي پيڪ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته عمران خان وزيراعظم طور ناڪام رهيو، جنرل باجوا جنهن ريت عمران خان جي مدد ڪئي اهو سڀني جي سامهون اچي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ عمران خان جنرل باجوا لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪري رهيو آهي، عمران خان کان وڏو منافق ۽ احسان فراموش شخص ڪڏهن نه ڏٺو. وزير اعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته گار گند ۾ عمران خان جو ڪير به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي کي ڀرپور قوت سان اقتدار تي ويهاريو ويو پر هن ڪجهه نه ڪيو ۽ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ضايع ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هزارا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ٺاهڻ عوام جو پراڻو مطالبو هو، جيڪو پورو ٿي چڪو آهي، هيءَ ڪمپني هاڻ پيسڪو کان ڌار ٿي چڪي آهي، سوئي گئس جا منصوبا جلد پورا ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته نواز شريف ملڪ ۾ 20-20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، گارگند ۾ عمران خان جو ڪو مقابلو ناهي، عمران خان پاڪستان جي سماج کي تباهه ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته عمران خان ڄنگهه تي ڄنگهه رکي ويٺو رهيو ۽ ڪجهه نه ڪيائين، گئس ۽ بجلي جي معاملي ۾ به بدترين غفلت ڪئي وئي، عمران خان عوامي ترقي لاءِ هڪ سِرَ نه لڳائي، جنرل (ر) قمر جاويد باجوا عمران خان جي مدد ڪئي، عمران نيازي کي ڀرپور قوت سان اقتدار تي ويهاريو ويو، جنرل (ر) باجوا ڪيئن عمران خان جي مدد ڪئي اهو سڀني جي سامهون اچي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته عمران خان پاڪ فوج جي ڪوششن کي ضايع ڪيو، گڏوگڏ 60 اربن جي سيڙپڪاري ڪندڙ دوست ملڪ چين تي الزام هڻي سي پيڪ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو، عمران نيازي پراڻن دوستن کي ڪاوڙايو، اسان دوست ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائي رهيا آهيون.
