جيڪب آباد ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي پاران اٽي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

جيڪب آباد(رپورٽ:صاحب خان چانڊيو)جيڪب آباد شھرين سول سوسائيٽي  پاران اٽي جا ريٽ گھٽايو غريب عوام کي مرڻ کان بچايو ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾  قومپرستن سميت سياسي، سماجي ۽ مذھبي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ عابد سنڌي، بابو نجيب زهرالطاف ميراڻي، رئيس غلام مرتضيٰ ميراڻي، لائق سومرو، عبدالنبي لاشاري، سيد عبدالغفار شاھ، سيد امام علي شاھ، دولت بروهي، بابي مائري،  حبيب لاشاري، احسان سواڳ، مقدم فدالاشاري، آصف بروهي، رفيق فخري، نظير دايو، راحيل منگي، ارشد بليدي، عزيز سيال ۽ آصف سومرو  سميت  ٻين شرڪت ڪئي. ريلي ٽيڪنڊي باغ کان ڊي سي چوڪ تائين ڪڊي وئي مظاهرين پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي رحم ڪيو عوام تي رحم ڪيو جا نعرا لڳايا، ان موقعي مظاهرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عوام مٿان ظلم ڪندڙن کي خدا غرق ڪندو غريب بي وس عوام مٿان مهنگائي جو بم ڪرائي حڪمرانن عوام سان وڏي زياتي ڪئي آھي پنجاب، ڪي پي ڪي ۾ اٽو 50کان 60روپيه ھلي ٿو هتي مهانگو ڇو آھي، چونڊيل نمائندن جو پنهنجون ملون، گدام زمينون آھن، غريب وٽ صرف کاھڻ لاء اٽو آھي سؤ به مهانگو ڪيو ويندو ته عوام  غريب پورهيت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو پهريان ئي مهنگائي سبب ماڻھو پنهجا اجها وڪڻي کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن، رليف ڏيڻ بجاءِ عوام کي عذاب نه ڏيو، تاريخ ۾ مهنگائي خلاف وڏين وڏين پارٽين مارچ ڪيا، سائيڪل ريليون ڪڍيون، ڪفن پائي احتجاج ڪيا، هاڻي اهي  ڇو خاموش آهن، چونڊيل نمائندن کي ووٽ ڏيندڙ عوام سان ٿيندڙ ظلم تي تڪ جا نمائندا ڇو خاموش آھن ، اسين مطالبو ڪريون ٿا ته فورن اٽي سميت کاتي پيتي جي شين جا اگهه گهٽايا وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں