حيدرآباد ۾ ٻن ڏينھن وارو صوفي ميلو شروع ٿي ويو،سيڪريٽري اوقاف افتتاح ڪيو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٻن ڏينھن وارو صوفي ميلو شروع ٿي ويو، جنھن جو افتتاح اوقاف کاتي جي سيڪريٽري ۽ ثقافت کاتي جي ڊي جي منور علي مھيسر، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي پير محمد شاهه سان گڏ ڪيو، صوفي ميلو بدنظمي جو شڪار رھيو، انتظام اڻپورا ھجڻ ڪري ماڻھن جي دلچسپي گھٽ نظر آئي، جنھن ڪري صوفي ميلي ۾ ھڪ ئي ويھڪ منعقد ڪئي وئي، “عدم برداشت ۽ ان جو حل” جي عنوان هيٺ ٿيل ويھڪ جي ماڊيٽر زاهدا ابڙو هئي. ان موقعي تي نامياري اديب مدد علي سنڌي چيو ته تصوف کي سمجهڻ جي لاءِ پنهنجي تاريخ کي ڏسڻو پوندو، سنڌ سدائين ڌارين جي حملي هيٺ رهي آهي، سنڌ خوشحال ديس هو ۽ ڪراچي کي ورھاڱي کان اڳ پيرس سڏيو ويندو هو، پر ورهاڱي کانپوءِ هتي مذهب جي نالي تي فساد ڪرايا ويا، 77ع کانپوءِ سنڌ ۾ فاشزم کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ جي درگاهن تي بم ڦاڙيا ويا، هن وقت به چئلينج تمام گهڻا آهن، ان ڪري عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف جدوجهد جاري رکڻي پوندي، اڄ تمام گھڻي تبديلي آئي آھي، ڪنھن زماني ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوھھ سمجھيو ويندو ھو، سنڌ ون يونٽ جي قيد ۾ جڪڙيل هئي، نوجوانن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ون يونٽ ٽٽو. هن چيو ته اڄ تمام گهڻي تبديلي آئي آهي، ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ بھ ڏوهه هو، پر سنڌ جي نوجوانن جي جدوجهد جي ڪري سنڌي ماڻهو اڳتي نڪري رهيا آهن. ھن چيو تھ حملي آورن هميشه مذهب جي آڙ ورتي آهي، بزرگن پنهنجي شاعري ذريعي امن جو آواز بلند ڪيو، سنڌ جي 5 هزار سالن جي قديمي تاريخ ۾ هٿيار نه مليا آهن، سنڌ خوشحال ديس هو، مذهب جي آڙ سنڌ جي ماڻهن جا حق هڙپ ڪيا ويا، سنڌ جي ماڻهن وري به امن جو رستو اختيار ڪيو، ھڪ دفعو ٻيھر ملڪ ۾ فاشزم پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انسانيت جي ڀلائي ۽ محبت تصوف جو رويو آهي. ثقافت کاتي جي ڊي جي منور علي مهيسر چيو ته اسان پنهنجي ڪاوڙ کي ختم ڪري ٻين جي غلطين کي معاف ڪيون، ماضيءَ ۾ ملڪ اندر عدم برداشت کي وڌائڻ جي لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڪردار ادا ڪيو، پر سنڌ اهو واحد خطو رهيو آهي جنهن ان باهه کي پاڻ کان پري رکيو. هن چيو ته اڄ سنڌ جو نوجوان تمام گهڻو پڙهيو لکيو آهي، هي 60ع وارو ڏهاڪو ناهي، سنڌ جي نوجوانن جي پهرين ترجيح سنڌ آهي پوءِ ڀلي اهو ڪهڙي به پارٽي جو ڇو نه هجي. هن چيو ته تصوف ڪو مذهب نه پر رويو آهي، هڪٻئي کي برداشت جو نالو ئي تصوف آهي، هر مذهب ۾ تصوف جو هڪ حصو ضرور آهي. جونيئر جانڻ چن چيو ته سنڌي ماڻھو پنهنجي خيال ۽ ذات ۾ ڏاڍو ڪشادو رهيو آهي، فقير جانڻ چن هاري جي گهر ۾ جنم ورتو، پر فقير جانڻ سدائين پنڌ ۾ رهيو، هو پنهنجي مرشد جي واٽ تي هلي اڳتي وڌندو ويو. هن چيو ته اڄ جي نوجوان تصوف کي پنهنجي جيء ۾ جاءِ ڏني آهي، صوفين پنهنجي ڌرتي سان سدائين پاڻ ملهايو آهي. هن چيو ته اسان جي اليٽ ڪلاس جي ماڻهو جا رويا منافقاڻا آھن، جيڪو سماج سان ناهي بيٺو، فڪر ۽ خيال بازار جو وکر ٿيندو ته ماحول خراب ٿيندو، ڳوٺاڻو نوجوان سادن معاملن مان گذري ٿو، سنڌ جي سيڪيولر روح کي شھري آبادي توڙي مذهب جي صورت ۾ قيد ڪيو ويو آهي، مذهبي فرقيواريت پکيڙي وئي آهي، فڪر مارڪيٽنگ جي شيء ٿي ويندي آهي ته اهو بگڙندو آهي، ان صورتحال ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان جا سادا ماڻهو مذهب جي نالي ۾ گمراهه ٿي ويندا يا نھ؟ ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته لطيف جي بيت ۾ برداشت جو سبق ملي ٿو، صوفي انا کي پاڻ سان گڏ نٿو کڻي، پنهنجي ذات کان دستبردار ٿيڻ جو نالو تصوف آهي. هن چيو ته سنڌ جو ماڻهو مذهب جي بنيادي ڳر کي سمجهي ٿو، اسلام خود رواداري جو درس ڏئي ٿو، صوفين جو ذهن تمام گهڻو زرخيز هوندو آهي، سنڌ جي زمين جيان سنڌ جي ماڻهن جا ذهن به زرخيز آهن، اسان ڌماڪي جو جواب ڌمال سان ڏيون ٿا، دنيا جون عالمي طاقتون جيڪڏهن دنيا ۾ امن چاهين ته سنڌ جي تصوف ۽ انسان دوستي واري فلسفي کي پنهنجو ڪن، اسان ڪنهن جي خلاف ناهيون، سنڌ جو پيغام لطيف سائين جي عالم سڀ آباد ڪرين وارو آهي، لطيف سائين برداشت جو پيغام ڏنو آهي، اسان سڄي عالم جي خوشحالي چاهيون ٿا، تصوف جو اصل مرڪزي نقطو پنهنجي پراين کي پرکڻ جو نالو آهي، اسان وڙهڻ بدران پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ چاهيون ٿا، اسان کي جنگ ۽ هٿيار کانسواءِ سڄي دنيا جا فڪر منظور آهن، سڀاڻي جي سنڌ امن ۽ آجپي واري فڪر جي امامت ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں