دڙو (ن س) دڙو ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو. في ڪلو 160 رپين ۾ وڪرو، سجاول جي ضلعي انتظاميا طرفان سستي اٽي جي لڳايل اسٽال تي رش ھئڻ سبب ڪيترائي شهري اٽو خريدڻ کان محروم ٿي ويا، دڙو شهر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آھي، جنھن سبب غريب ۽ پورھيت طبقو سخت پريشان آھي، دڙي ۾ ڪڻڪ جو اٽو 250 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آھي، مھانگائي سبب غريب ۽ پورهيت طبقي جا ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. خوراڪ کاتي پاران شهرين کي 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ موڪليل اٽي جا 160 بيگ ٿوري دير ۾ ئي وڪرو ٿي ويا، رش سبب ڪيترائي شهري سستو اٽو خريدڻ کان محروم، دڙو جي شهرين خوراڪ کاتي کان وڌيڪ اٽو موڪلڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
1 ڪالم
