روهڙي لڳ قبرستان مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، قبرون ڊهڻ لڳيون، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

روهڙي(رپورٽ:قمرالدين ميراڻي) روهڙي جي علائقي ڳوٺ رجب علي دايو جي قبرستان ۾ داخل ٿيندڙ گندو پاڻي اڃا تائين نه نيڪال ناهي ڪرايو ويو ڪيترن ئي ڏينهن کان قبرستان ۾ جمع ٿيل نالين ۽ گٽرن جي گندي پاڻي سبب قبرستان جو تقدس پامال ٿيڻ سان گڏ قبرن جي چوڌاري گندو پاڻي مسلسل جمع رهڻ ڪري ڪيتريون ئي قبرون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن ۽ ڪيترائي مقبرا گوڏي جيڏي پاڻي ۾ ٻڏل آهن ان سلسلي ۾ لوڪوشيد روهڙي جي رهواسين پاران اڳوڻي يوسي نائب ناظم حاجي سليم جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري تعلقه انتظاميا روهڙي خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي مظاهرين حاجي سليم،سيد گل شاهه،ڪاظم شيخ،سعيد اعواڻ،اشفاق احمد،علي نواز ۽ ٻين چيو ته گوٺ رجب علي دايو قبرستان ۾ نالين جو گندو پاڻي داخل ٿيڻ ۽ قبرن جي چوڌاري مسلسل پاڻي جمع رهڻ ڪري قبرن کي پهچندڙ نقصان جي ڪيترائي ڀيرا شڪايتن ۽ احتجاجن باوجود انتظاميا جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چُري مسلسل پاڻي جمع رهڻ ڪري پيارن جي قبرن کي سخت نقصان پهتو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انتظاميا مسلس لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهي آهي مظاهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته هڪ هفتي دوران گندو پاڻي قبرستان ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيو ويو ۽ قبرستان ۾ جمع ٿيل پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو ته روهڙي پريس ڪلب اڳيان سکر روهڙي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري تعلقه انتظاميا تي هوندي بعد ۾ اسٽنٽ ڪمشنر روهڙي وسيم مهر شهرين جي احتجاج ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن جو نوٽيس وٺندي ڳوٺ رجب علي دايو قبرستان پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري کين خاطري ڪرائي ته قبرستان ۾ جمع ٿيل گندي پاڻي جي نيڪال ۽ گندي پاڻي کي قبرستان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويندو جنهن بعد مظاهرين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں