سنڌي ٻوليءَ لاءِ انفرادي طور ماڻهن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي:اظهر شاهه

حيدرآباد(پ ر)سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾ “سنڌي ٻولي، خطرا، موقعا ۽ تجويزون”، جي سري ھيٺ 6 جنوري 2023ع تي ”ٽيڪنالاجي ۽ سنڌي ٻولي“ جي عنوان سان آنلائن مباحثو منعقد ڪيو ويو.آن لائين مباحثي ۾ مھمان سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪئمپس جو پرو-وائيس چانسيلر ڊاڪٽر اظھر علي شاھ ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ جو ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙو ھئا.. مباحثي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ چوٿين صنعتي انقلاب ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي بيٺي آھي، ان کي ڪھڙا خطرا آھن، جهڙن موضوعن تي ڳالھ  ٻولهہ ڪئي وئي. مباحثي ۾ ڊاڪٽر اظھر شاھ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ “سنڌي جو انفرميشن انٽرچينج ڪوڊ جيڪڏھن اسٽينڊرائز ٿئي ٿو تہ جھڙي طرح اسان انگريزي  آپريٽنگ سسٽم ليول تي يا پروگرامنگ ليول تي استعمال ڪريون ٿا، ساڳي ريت سنڌي بہ استعمال ڪري سگهنداسين” . ھن وڌيڪ چيو ته : “مون کي  خوشي آھي تہ سنڌي ٻوليءَ لاءِ انفرادي طرح تي ماڻهن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي”. ڊاڪٽر اظھر شاھ چيو تہ” سڀ کان پھرين ڪمپيوٽر جي اصطلاح تي ڪم ٿيڻ  گهرجي، تہ جيئن ڪمپيوٽرن جي لفظن ۽ اصطلاحن کي سنڌيءَ ۾ آسانيءَ سان سمجهي سگهجي.”  سنڌي ٻوليءَ جي لئنگويج انجنيئر امر فياض ٻرڙي چيو ته:” ڊيٽا بيس کي جمع ڪرڻ ۾ وڏو حصو ميڊيا جي ادارن جو آھي، اخبارن ۾ روزاني لڳ ڀڳ ٻہ لک لفظ ڪمپوز ٿين ٿا ۽ شايع ٿين ٿا، پر اخبارون لفظن جي بنياد تي نہ ھجڻ سبب اھي لفظ ڊيٽابيس ۾ شامل ٿيڻ کان رھجي وڃن ٿا”. ھن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ: “سنڌي ٻوليءَ کي هڪ بين الاقوامي ٻوليءَ طور سيکارڻ لاءِ ٻوليءَ جو بااختيار ادارو اڳتي اچي جنھن جي تمام گهڻي ضرورت آهي.” ھنن سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڪيلَ ڪمَن کي ساراھيو ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٻولي جي حوالي سان ٻين ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ھن آن لائين مباحثي جو ميزبان ويب انجنيئر اويس جوڻو ھو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں