ڪراچي (پ ر) سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ پاران سنڌ جي عظيم قومي ۽ بين الاقوامي شاعر، مفڪر ۽ سوشل سائنٽسٽ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ”سُر مارئي“ تي سترھين فڪري ويھڪ سنڌ اڀياس اڪيڊمي جي ريسرچ ايسوسيئيٽ سارنگ جويي ۽ امين جويي جي ميزبانيءَ ۾ ڪئي وئي، ھن فڪري ويھڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ آرٽيفشل انٽيليجنس جي ماھر لياري يونيورسٽي جي آءِ ٽي شعبي جي چيئرمين ۽ ليکڪ ڊاڪٽر مظھر ڏوتيي، يو بي ايل بينڪ جي آفيسر ۽ سياسي تجزيا نگار ۽ ڪالم نگار رياض ابڙي، ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي صدر منير مگسي، جنرل سيڪريٽري عبدالرزاق شر، امين جويي ۽ سارنگ جويي ڳالھائيندي چيو تہ، ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو سوشل سائنٽسٽ، نفسياتي ماھر سان گڏ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ترجمان شاعر ۽ فلسفي ھو، جنھن جي سموري شاعري ان جي عڪاسي ڪري ٿي، سُر مارئي حب الوطني جو معراج آھي، جنھن سُر کي لطيف سائين مغلن ۽ ڪلھوڙن جي ڪٽر جاگيرداري ۽ مذھبي انتھاپسندي ۽ قومي ۽ طبقاتي غلاميءَ واري دور وارين حالتن جو ادراڪ ڪندي، سنڌي سماج مان اھڙي ڪردار جي تخليق ڪرڻ پئي چاھي، جيڪو ڪردار پنھنجي وطن سنڌ ۽ ان جي ماروئڙن سان بي انتھا محبت ڪرڻ سان گڏ ڪميٽيڊ ھجي، جيڪو ڪردار سامراج جي ڪنھن بہ لالچ تي نہ ھرکي ۽ نہ ئي سامراج ڏنل خوف، ظلم، ڏاڍ ۽ جبر سبب آڻ مڃي ۽ پنھنجي مقصد تان ھٿ کڻي. ان ڪري لطيف سائينءَ ھن سُر ۾ مارئيءَ جي صورت ۾ اھڙي ڪردار جي تخليق ڪئي آھي. ھن سُر ۾ مارئي وطن جو ڪميٽيڊ انقلابي ڪارڪن آھي، عمر سومرو وقت جو حڪمران يعني سامراج آھي، جيڪو سنڌ وطن مٿان قابض آھي ۽ سنڌ جي انقلابي ڪارڪن جي جدوجھد ۽ پنھنجي وطن سنڌ ۽ ان جي مارن سان محبت سبب کيس نہ ٿو آئڙي، ان ڪري ھو ان کي اغوا ڪري ٿو وڃي ۽ پھرين کيس جھڪائڻ لاءِ ھيرن جواھرن، محل ماڙين، لذيذ طعامن جون لالچون ٿو ڏئي پر مارئي اڏول ۽ ڪميٽيڊ انقلابي ڪارڪن جيان ان سمورين لالچن کي ٺڪرائي ٿي ڇڏي.
