عمرڪوٽ ۾ ٽيسٽ پاس استادن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ(ڊ ر) آئي بي اي ٽيسٽ استادن کي جوائنگ باوجود به 10 مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف استادن طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي استادن شمس منڱريو، مگھن مھر، گڻيش ڪمار ۽ ٻين چيو ته اسان کي پگھارون نه ملڻ ڪري فاقاڪشي جو شڪار ٿي ويا آھن 10 مھينن کان گھر جا پئسه خرچ ڪري ٻارڙن کي تعليم ڏيئي رھيا آھيون مھانگائي سبب مشڪلاتون وڌي ويون آھن پر ڪوبه دانھن ٻڌڻ وارو ناھي احتجاج ۾ استادن طرفان پلي ڪارڊ کڻي سخت نعري بازي ڪئي ويئي جڏھن ته احتجاج دوران پ ٽ الف جي صدر رتن سنگھ سوڍو، گوتم سنگراسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان کي 50 ھزار استادن کي ڀرتي ڪرڻ تي خوشي ٿي آھي پر نوجوان استادن جي جيڪا پگھار ناھي ٿي انھي تي وڏو ڏک ٿئي ٿو غريب ماڻھو ڪيڏانھن وڃي حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گھرجي حاجي ساند چيو ته سنڌ حڪومت جي روايت رھي آھي ته جيسيتائين استادن کي موچڙا نه ڏيندا ته پگھارون نه ڏيندا ٽيڪنيڪل مسئلن جو جوائز ڄاڻائي اڄايو پريشان ڪيو پيو وڃي ھاڻي استادن کي موچڙا ڏيڻ واري روايت کي ختم ڪري استادن کي پگھار ڏنو وڃي استادن سنڌ جي پٺتي پيل تعليم کي سھارو ڏيئي سڌارو آندو آھي ايس يو پي اڳواڻ گل بجير چيو ته پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ استادن کي پگھارون نه ملڻ افسوس جو مقام آھي استادن بند پيل اسڪولون کولرائڻ لاء اھم ڀرتي ٿي اھم ڪردار ادا ڪيو آھي ھن وقت حالتون مھانگائي وڌڻ سبب خراب آھن اٽي جو ريٽ آسمان تي پُھچي ويو آھي ۽ استادن کي پگھارون نه ڏيڻ ڪٿي جو انصاف آھي ھن چيو ته استادن کي فوري طور تي پگھارون نه جاري ڪيون ويون ته اسان استادن سان گڏجي احتجاجي تحريڪ ھلائينداسين

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں