قاضي احمد(رپورٽ:علي حيدرچانڊيو)سنڌ اندر اٽي جي وڌندڙ بحران ۽ فلور مل مالڪن پاران ھٿرادو مھانگائي ڪرڻ خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقي قاضي احمد پاران قاضي احمد موڙ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف چوڪن کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب چوڪ تي پھچي امپورٽڊ حڪومت ۽ اٽي وڌندڙ بحران ھٿراو مھنگائي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. پي ٽي آء تعلقي صدر عبدالطيف رند، قاسم مھر، نور الدين ماڃوٺو، ايس ڪي چانڊيو، گل محمد جوڻو، بابو خلجي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته موجوده امپورٽڊ حڪومت خاص ڪري سنڌ جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آ اڳ ئي برسات سبب سخت متاثر ٿيو آهي سندن فصل گھر مال معاشي مڪمل تباھ ٿي ويو آهي وفاقي حڪومت توڙي سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي ڪو به رليف نه مليو آهي ويتر اٽي جو بحران ڪيو ويو اٽو مارڪيٽ پنج ھزار رپين کان وڌيڪ مڻ وڪرو ٿي رھيو آهي پر حڪومت جي ڪن تي جونء به ڪان ٿي چري غريب ويتر غريب ٿيندو ٿو وڃي امير اڃان به وڌيڪ امير ھنن وڌيڪ چيو ته جڏھن پي ٽي آء جي حڪومت ۾ اٽو 22 سؤ رپيا مڻ ھو تڏھن بلاول ڀٽو پاران وڏا مھنگائي ٽريڪٽر مارچ ڪيا پي ويا ھاڻ جڏهن سندن حڪومت ۾ پنج ھزار في مڻ اٽو ملي رھيو آيي تہ اھي تيل لڳل ڏنڊا ڪيڏانهن ويا ھيڏي ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي ۾ اھي ڏيڏر مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ ڪيڏانهن ويا ھـن وقت حڪمرانن ڌر انهن نام نھاد وزيرن ايم اين ايز ايم پي ايز جي منھن تي ڇو تالا لڳل آھن غريب ماڻھو ھڪ ويلي جي ماني لاء پريشان آھي ھنن مطالبو ڪيو ته اي ظالم حڪمرانو اٽو سستو ڪريو غريب عوام تي رحم ڪيو.
