قمبر (پ_ر) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زاهدا شيخ جي پنجين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي جي اڳواڻن قمبر ۾ ادي زادهدا شيخ جي آخري آرامگاه تي پهچي کيس گلن جي چادر چاڙهي، انقلابي ۽ قومي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماه نور ملاح، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري سنڌو ملاح، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، علي حسن وڪو، عرفان منان، اياز جمال چانڊيو، مرڪ منان، اقره نور، علي محمد وڪو، طفيل جکرو، محمد خان چانڊيو، محسن اياز چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ادي زاهده شيخ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي هر جدوجهد ۾ ثابت قدم رهي، هن لانگ مارچن ۽ احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيڻ سان گڏ ڪتاب ترجما ڪري ۽ سنڌ جي مسئلن متعلق لکي ثابت ڪيو ته سنڌ جي عورت به باشعور آهي، سنڌ جي عورت ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ اڳواڻي ڪري سگهي ٿي. ادي زاهدا شيخ سنڌياڻين لاءِ هڪ اعليٰ مثال آهي ته سنڌ جون عورتون سنڌي قوم جي زبردست اڳواڻي ڪري سگهن ٿيون. اڳواڻن چيو ته ادي زاهدا شيخ مٿئين طبقي جي آسائشن کي ٺڪرائي، پاڻ کي سنڌ بچائڻ لاءِ ٿيندڙ جدوجهدن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، هن ڳوٺ ڳوٺ تائين عوامي سياست جي پرچارڪ ڪندي پنهنجي زندگي گذاري. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ادي زاهدا شيخ جي ورسي جي مک تقريب 8 جنوري تي حيدرآباد ۾ ٿيندي جتي سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان انقلابي ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري کيس ثقافتي رنگن سان ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.
