ماحولياتي تبديلي ۽ اسان جون ذميواريون

عذرا ميمڻ
ماحولياتي تبديلي Climate change هلندڙ وقت جو اهم ترين موضوع ۽ مسئلو آھي. جتي انسان ترقي جا ڏاڪا طئي ڪري معجزن کي حقيقت ۾ تبديلي ڪرڻ ۾ ڪوشان آھي.جديد کان جديد دُنيا ٺاهڻ جي چڪر ۾ قدرتي فطرت جيڪا سان هٿ چُراند انسانن جي هٿان ٿي آھي ان جا اثرات تمام تيزي سان نموندار ٿيڻ شروع ٿيا آھن موسمياتي تبديلي جي اثرن هيٺ ماحول ۾ گرمي جو اضافو شدت سان وڌي رهيو آھي وڌ کان وڌ انڊسٽر لائيزيشن جي چڪر ۾ انسان ذات آفتن کي دعوت ڏيئي چڪي آھي پر هاڻي سڀني کي گڏجي سڏجي وقت سر قدم کڻڻان پوندا آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڇاڪاڻ ته جيئن جيئن گرمائش ۾ اضافو ٿي رهيو آھي تيئن زميني حالتون تبديلي ڏانهن وڌي رهيون آھن.بي مُندائتا ۽ تيز مينهن،گِليشيئر جو پگهرڻ،ٻُوڏن جو اچڻ.پاڻي جي کوٽ ۽ انهن آفتن جي ڪري اناج کوٽ جا مسئلا دور حاضر جا ٻرندڙ مسئلا آھن.جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ماڻھو عام وَ خاص کي جاکوڙ ڪرڻي پوندي.سڀ کان پهرين ته گرمي پَد کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون پونديون ته پنهنجي گهرن ۾ جتي به ٿي سگهي وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ.قُدرتي پاڻي جي ذخيرن کي گندگي کان پاڪ رکڻ لاءِ پاڻ کي به عملي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ عام ماڻھو تائين آگاهي جي عمل کي تيز ڪرڻو پوندو هر ماڻھو پئٽرول/تيل/۽ گئس جي بي دريغ استعمال ڪرڻ کي گهٽائڻو پوندو.گئسون جيڪي ماحول کي وڌيڪ گرم ڪن ٿيون.ان جي استعمال جي روڪ ٿام لاء عملي ڪم ڪجي هي وقت عملي ڪم ڪرڻ جو وقت آھي دُنيا ماحولياتي تبديلي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي وقت،ماحول علائقي جي لحاظ کان فصل،وڻ،ٻوٽا پوکڻ گهرجن ته جيئن غذائي کوٽ کي گھٽائڻ ۾ اهم ڪردار به ادا ٿي سگهي ۽ تازا ميوا ۽ سبزيون به حاصل ڪري صحت کي برقرار رکي سگهجي.پاڻي جي قدرتي وهڪرن کي بحال ڪجي جيئن تيز برساتن جي صورت ۾ جبلن/گليشيئر جي پاڻي کي آساني سان رستو ملي ۽پاڻي سمنڊ ۾ Drain out ٿئي ته جيئن سمنڊ به اڳتي اچڻ بند ڪري۽ ذرعي زمين کي کائڻ بند ڪري.ريگستاني علائقن جيئن ٿر ۽ ڪاڇي ۾ پاڻي کي گڏ ڪري کڻ لاءِ پاڻي جا ريزر وائير مختلف جڳهن تي ٺاهجن ته جيئن برساتي پاڻي۽ جبلن مان وهي ايندڙ پاڻي کي اسٽور ڪري رکجي ان کي اسٿئتعمال به ڪجي ۽ زمين جي Recharge ڪرڻ واري عمل لاءِ پڻ ڪار آمد بڻائجي.وقت جي ضرورت مُطابق فيصلا نه ٿيا ته شايد اسين وري موئن جي دڙي وانگر ڪا تاريخ نه بڻجي وڃون.ڇاڪاڻ ته ترقي يافته ملڪ ۽ ماڻھو ته آفتن ۾ پنهنجو بچاءُ ڪري ويندا پر اسانجي ملڪ پاڪستان جهڙا غريب ملڪ ۽ غريب ماڻھو آفتن کي منهن ڏئي نٿا سگهون ته اسانکي پنهنجي لاءِ اڳواٽ ئي تياري ڪرڻي پوندي.علائقي جي لحاظ کان فصل وڻ لڳائڻ پاڻي جي ذخيرن جر حفاظت ڪرڻ گرمي وڌائيندڙ مشينن جي گهٽ کان گهٽ استعمال پاڻي جي قدرتي وهڪرن کي بحال ڪرڻ جي.انهن چند عملن جي ذريعي اسان ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ ان جي نتيجن ۾ ايندڙ آفتن کي منهن ڏئي سگهون ٿا.انهن مڙني عملن ۾ ھر فرد کي پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو پنهنجي نسلن ۽ بقاءَ لاءِ.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں