موهن جي دڙي جي عظيم مٽيءَ مان جنم وٺندڙ انور پيرزادو

مجيد نواز مغل
اڄ سنڌي صحافت جي انھيءَ شخصيت جي ورسي آھي، جنھن سنڌ جو ڪيس پنھنجي صحافتي ۽ ادبي صلاحيتن ذريعي بين الاقوامي فورمن تي وڙھيو. ڀٽائيءَ جي ھن پارکو موھن جي دڙي جي عظيم مٽيءَ مان جنم ورتو. ھن پنھنجي سموري حياتي صحافت ۽ ادب کي ڏئي امر ٿي ويو. مان جڏھن صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو ته سنڌ جي ٻن عظيم صحافتي ڪردارن ھدايت منگي ۽ انور پيرزادي کي انھيءَ ميدان ۾ ڏسي سندن وکن پويان وکون وڌايون. ھدايت منگي سکر ۾ صحافت ڪندي منھـنجي ھر قدم تي رھنمائي ڪئي ۽ مون کي صحافت جي آدرشي اصولن کان واقف ڪرايو. اتي انور پيرزادي عوامي آواز اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ منھنجي وک وک تي رھنمائي ڪندي مون کي اھي گس ڏسيا جن متان ھلي مون پنھنجي انھيءَ پيشي سان نڀاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ھو پڻ ھدايت منگيءَ جيان سکر ۾ وڏي عرصي تائين صحافت ڪري چڪو آھي. ھن ڪيترائي ڀيرا سختيون سٽيون جيل ويو ۽ پنھنجي نظرياتي سوچن سبب مختلف حڪومتن جي عتاب ۾ رھيو. پر ھن پنھـنجي راھ ۽ دڳ کي ڪڏھن تبديل ڪرڻ لاءِ سوچيو به نه. جيتوڻيڪ کيس ڪيترائي ڀيرا مختلف قسم جون آفرون پڻ مليون پر ھو موقع پرست ٿيڻ بچاءَ سنڌ جو ھڏوڪي اديب ۽ صحافي ٿي ھڪ ھنڌ ڄميو رھيو. ھدايت ۽ انور اھي ٻئي پاڻ ۾ گھاٽا يار ۽ نظرياتي دوست ھئا. انھن ٻنھين مختلف سنڌي اخبارن ۾ گڏ ڪم ڪيو. انور پيرزادي اسٽار اخبار ۾ سنڌ ۽ ھتان جي رھواسين جا مسئلا چڳي ريت نروار ڪندو رھيو. موھن جي دڙي جي تاريخي حيثيت کي نروار ڪرڻ سان گڏوگڏ انھيءَ ڌرتيءَ بابت نوان نوان انڪشاف پرنٽ ميڊيا ذريعي عوام سامھون آندا. ان جو چوڻ ھو ته موھن جي دڙي جي اڃان صحيح معنيٰ ۾ پنجاھ سيڪڙو به کوٽائي ناھي ڪئي وئي ۽ جيڪڏھن اھا ٿئي ته ڪيترائي دڙا ۽ قديم آثار اڃان سامھون ايندا خاص ڪري سنڌو دريا جن آثارن کي پائي ويو آھي ان بابت ڄاڻ ضروري آھي پر اتي تاريخي حقيقتون دفن آھن جنھن تي ڳس وارن ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جا ڪيترائي پنا ڪورا رھجي ويا آھن ۽ اھي ھاڻي زمانو گذرڻ سان پاڻيءَ جي ور چڙھيون آھن. انور پيرزادي دنيا جي سڀ کان وڏي شاعر شاھ لطيف ڀٽائي بابت ڪافي حقيقتون آشڪار ڪيون. سندس ڪلام مان مختلف تاريخي حقيقتن کي نروار ڪيو. ان سبب کيس لطيف جو پارکو سڏيو وڃي ٿو. انور پيرزادي جي نظم اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان اڄ به ڪافي مقبول آھي، جنھن کي اديب حوالي طور مختلف تقريبن ۽ جلسن ۾ بيان ڪن ٿا. سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي ڪارڻ انور پيرزادي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن جا سير ۽ سفر ڪيا. جن باڀت سندس لکيل ڪتاب سنڌي ادب جو ڪارائتو حصو آھن. ھن سنڌي صحافت ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا ۽ انھن جي وک وک تي آبياري ڪئي. ھن آزاد ۽ نثري شاعري ذريعي سنڌ واسين جي سورن کي رياستي ايوانن تائين پھچايو. ھن ڀارت وڃي جيڪي ماڳ مڪان ڏٺا ان بابت سفر نامو لکيو جيڪو اڄ به يادگار تخليق آھي. ھن شروعاتي طور موھن جي دڙي جي عظيم انسان سوڀو گيانچنداڻيءَ سان رشتو قائم ڪيو. جيڪو سندس نظرياتي پڻ ھو ۽ ھن سندس جي سکيا موجب ھڪ بھادر امن پسند ۽ سنڌ دوست ڪردار ادا ڪيوـ ھو مھم جو شخصيت جو پڻ مالڪ ھو. اڄ به جڏھن وطن دوست سنڌ پرست صحافين ۽ ڀٽائي جي شاعريءَ جي ڄاڻو عالمن جو ذڪر نڪري ٿو ته ان ۾ انور پيرزادي جو نانءُ مٿانھون ئي نظر اچي ٿو. ھو سرڪار طرفان سنڌو دريا بابت تحقيق ڪبدڙ ٽيم جو پڻ حصو رھيو. جنھن ٽيم ان وقت جي ثقافت جي سيڪريٽري مھتاب اڪبر راشديءَ جي سفارش تي سنڌوءَ جي شروعاتي ماڳ کان سنڌي سمنڊ تائين تحقيق ڪري ان بابت مڪمل رپورٽ تيار ڪئي، جنھن جو سمورو ذڪر بدر ابڙي ھڪ ڪتاب جي صورت ۾ ڪيو آھي. انھيءَ ۾ ڪيترائي خطرناڪ موڙ آيا ۽ ھڪ ھنڌ ٻلھڙيجي جي ڪچي وٽ دريا ۾ ڌاڙيلن جي فائرنگ جو پڻ ذڪر بدر ابڙي جي انھي ڪتاب ۾ موجود آھي ۽ معجزاتي طور سڀ محفوظ رھيا. انور پيرزادي جا سڀ جا سڀ پٽ نھايت لائق آھن، جيڪي سنڌي ادب ۽ صحافت سان وابستا آھن، سندس گھر ھميشه ادبي سياسي ۽ صحافتي ڪلچر جو حامل رھيو آھي. ھن جيڪو مشن اڌ ۾ ڇڏيو ھو ان مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ سندس سمورا پٽ پنھنجي وت آھر جدوجھد ۾ مصروف آھن. ادب ۽ صحافت جي ميدانن ۾ نالو ڪمائي پنھنجي عظيم پيءُ جو نانءُ روشن ڪن پيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں