نوابشاهه(ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاهه پاران نوجوان ڪھاڻيڪار مجيب اوٺي جي ڪھاڻين جي مجموعي ”غير موزون موسم جون ڪھاڻيون“ جي مھورتي تقريب نواب شاهه جي ٽي آر سي ھال ۾ ناليواري ڪھاڻيڪار طارق قريشي جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جڏهن ته ڪتاب جي مھورتي تقريب ۾ پروفيسر ايس ڪي ناگپال، سيد منير شاهه، ضراب حيدر، امر لغاري، لياقت رضوي، بخشل باغي، منور سراج، فياض چنڊ ڪليري، وسيم سومرو، ستار سندر، امداد رند، مختيار جمالي، قربان چنو، ھوشو ڀٽي، ڪريم چنا، اي آر آزاد، مبين چنا، پريم پتافي، سارنگ سنڌو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪتاب جي مھورتي تقريب کي خطاب ڪندي مھمانن چيو ته مجيب اوٺو ڪھاڻي کيتر ۾ نرالو آواز آھي ۽ ھن جا موضوع نوان آھن، سندس ڪھاڻيون پڙھندڙن کي تصوراتي دنيا ڏانھن وٺي وڃن ٿيون، ھن جي ڪھاڻين ۾ ڪردارن جي اپٽار تخليقي انداز سان اڻيل آھي کيس اھڙي شاندار مجموعي لکڻ تي سلام پيش ڪيون ٿا.
