ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم ۾ سنڌ پاڪ تحريڪ پاران مهانگائي ، بدامني ، وياج خوري ۽ سماجي براين خلاف شاهجهان جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ريلي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ،نعريبازي ، روڊ بلاڪ رپوٽ موجب . ٽنڊوآدم ۾ سنڌ پاڪ تحريڪ پاران مهانگائي ، بدامني ، وياج خوري ۽ سماجي براين خلاف چيئرمين شاهجهان جوڻيجو ، ذوالفقار نربان ، نادر ڏيرو سرور ابڙو، محمد موسي’ ساند ، انور چاڪراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ڪامريڊ محمد خان پنهور ، باغي مجاهد ٿهيم ، عبدالسلام ڪوري ، عقيل ماڪوڙاڻي ، عبيدالله شاهه . محمد اخلاق ورياھ . حاجي انور ٿهيم ، محمد ساند ، ايڊووڪيٽ راشد علي خان، اعجاز ميتلو . امداد چانڊيو سميت ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن شهجهان جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ مهانگائي عروج تي آهي اٽو ايترو مهانگو ڪيو ويو آهي جو هاڻي غريب ۽ مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ کان قاصر آهن بک وگهي ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ ۽ خوشحال سنڌ جا ماڻهو پنڻ تي مجبور آهن حڪمران پنهنجن عياشين ۾ پورا آهن حڪمرانن سازش تحت ماڻهن کي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي پوليس جي آشيرواد سان جوا ، آڪڙا ، سفينه گٽڪا ، چرس آفيم ڪچو شراب کلي عام جاري آهي، بدامني عروج تي آهي پوليس ڀتو وٺڻ ۾ پوري آهي جنهن ڪري نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي سنڌ پاڪ تحريڪ پاران 500 ڏينهن کان انهن براين خلاف احتجاجي ڪيمپ لڳل آهي جنهن جو مقصد صرف غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي حمايت ۽ ڪرپٽ بيورو ڪريسي ۽ ظالم حڪمرانن خلاف آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڻ ۾ متحد ٿي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪيون جيستائين متحد نه ٿيندئو تيستائين سنڌ ۾ظلم ، بک ۽ بي روزگاري ختم نه ٿيندي ۽ ظالم حڪمران اسان تي ائين ئي حڪمراني ڪندا رهندا ۽ اسان جا ٻچا بک مرندا رهندا .
