اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ۽ ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ دير نٿي ٿي سگهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن بابت ٻٽي اليڪٽورل فهرستن جي معاملي تي ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف اليڪشن ڪمشنر ايم ڪيو ايم جي وڪيل کي چيو ته توهان مختلف فورمز تي ويا پر ڪڏهن اهو مسئلو نه اٿاريو، توهان سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ويا پر اهو معاملو پهريون ڀيرو اٿاريو آهي، ڪو ٻيو مسئلو به آهي ته اڄ ئي کڻو ته گڏائي ٻڌي وٺون. هن ايم ڪيو ايم جي وڪيل کي چيو ته توهان غلط بيان ڏئي رهيا آهيو ته ٻٽا اليڪٽورل رولز استعمال ٿي رهيا آهن، اسان توهان جي ڳالهه کي رد ٿا ڪيون، توهان سمجهو ٿا ته چونڊن ۾ دير ڪرائيندئو، توهان جا هيل تائين دليل اڻ لاڳاپيل آهن. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ دير نٿي ٿي سگهي، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. پوءِ اليڪشن ڪميشن جي ٽي رڪني بئنچ دليل ٻڌي ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
