اسلام آباد (بيورو) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪري ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي همدردي ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي خاطري ڪرائي. شهباز شريف، ڪرسٽالينا جارجيوا جا ٿورا مڃيندي کيس جنيوا ۾ موسمياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هڪ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم تصديق ڪئي ته کيس آءِ ايم ايف سربراهه فون ڪئي، جنهن ۾ مان واضح ڪري ڇڏيو ته هاڻ اسان پنهنجي عوام تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون. شهباز شريف موجب مان ڪرسٽالينا جارجيوا کي چيو ته آءِ ايم ايف وفد کي ڳالهين لاءِ پاڪستان موڪليو ۽ ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن ۾ ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ بابت عالمي مالياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنجينگ ڊائريڪٽر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران کيس ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي اقتصادي ڏُکيائن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف وفد جلد پاڪستنا ايندو، عالمي مالياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جا شرط پورا ڪرڻ بابت پرعزم آهيون.
