اوٻاوڙو ڀرسان اسڪول ۾ استادن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن، شاگردياڻين ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

اوٻاوڙو(رپورٽ:منيراحمدگرگيج) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ رحيم بخش شر جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ استادن ۽ سهولتن جي کوٽ هجڻ خلاف شاگردن، شاگردياڻين ۽ ڳوٺاڻن جو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ڳوٺاڻن منظور احمد پنهور،الله جوايو،ارباب علي ،ثناالله ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول رحيم بخش شر ۾ ٻارڙن جي تعداد 4 سئو کان وڌيڪ آهي ۽ استاد صرف 2 مقرر ٿيل آهن جنهن ڪري ٻارڙن کي سٺي تعليم نٿي ملي سگهي ۽ اسڪول هر سهولت کان محروم آهي ۽ فرنيچر جي کوٽ آهي ۽ ٻارڙا کلي آسمان هيٺ پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اسان ڪافي ڀيرا تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کي درخواستون ڏنيون آهن مگر ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو، اسان وزير اعلي سنڌ، وزير تعليم ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان جي اسڪول ۾ سهولتون ۽ استادن جي کوٽ ختم ڪري ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ هوڏانهن ياد رهي ته ڪجھ مهينا اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اوٻاوڙو جي دوري دوران ان اسڪول جو دورو ڪري علائقي واسين سان سهولتون ۽ استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪو اڃا تائين وفا ناهي ٿي سگهيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں