ڄامشورو (ڊ ر) لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۾ تعليمي سيشن 23-2022ع جي مختلف ڊگرين/ڊپلوما پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ ”پري-ايڊميشن انٽري ٽيسٽ“ ورتي وئي نرسنگ، فزيو ٿراپي، بايو ٽيڪنالاجي، بلڊ بينڪ سوڌو لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڪيمپس ڄامشورو ۾ ٿيل پري انٽري ٽيسٽ ۾ مجموعي طور تي 6000 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن ۾ شاگردياڻين جي وڏي اڪثريت شامل هئي. ڊاڪٽر آف فزيوٿراپي, ڊاڪٽر آف فارميسي، بي ايس نرسنگ، بي ايس ريڊيولاجي ٽيڪنالاجي، بي ايس ميڊيڪل ليبارٽري ٽيڪنالاجي، فارنزڪ سائنس فارنسڪ بيجولوجي، فارنسڪ سائنس، فارنزڪ ڪيمسٽري ۽ ٽو ڪسيڪالوجي ۾ ماليڪيولر بائلاجي ۽ بي ايس جينياتي، حياتياتي ٽيڪنالاجي ايسوسيئيٽ آف اپلائيڊ سائنسز ان ريڊيولوجڪ ٽيڪنالاجي، اکين جي ٽيڪنيشن ۾ ڊپلوما، ڊپلوما ان ڊينٽل ٽيڪنيشن، ٽيڪنالاجي ۾ ڊپلوما، سي ٽي ٽيڪنالاجي ۾ ڊپلوما، ايم آر آئي ٽيڪنالاجي ۾ ڊپلوما، بلڊ بئنڪنگ ۽ ٽرانسفيوشن ۾ ڊپلوما، انڊو اسڪوپي ٽيڪنيشن ۾ ڊپلوما ۾ 796 سيٽن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي وئي. ان دوران لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ، رجسٽرار حاجي محمد شيخ، ڊائريڪٽر ايڊميشن پريسا ڀٽو سوڌو ٻين آفيسرن پري انٽري ٽيسٽ سينٽر جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ چيو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مختلف ڊگري ۽ ڊپلوما پروگرامن ۾ داخلا لاءِ 6000 اميدوارن حصو ورتو آهي. جنهن ۾ نوان شعبا پڻ متعارف ڪرايا ويا آهن. جنهن ۾ نوجوانن پنهنجي فني مهارت حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪري سگهن ٿا. پري انٽري ٽيسٽ دوران ٽريفڪ ۽ حفاظتي انتظام بهتر رکڻ لاءِ موٽر وي پوليس، ٽريفڪ پوليس ۽ ضلعي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي.
