اَبي جي سرڪار ناهي، پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو: ڪائرا

لاهور (م ڊ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا پرويز الاهي تي طنز ڪندي چيو آهي ته هتي ڪنهن جي پيءَ جي سرڪار ناهي جو اوهان اعتماد جو ووٽ نه وٺندئو. ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي قمر زمان ڪائرا پنجاب جي وڏي وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته وزيراعليٰ صاحب اوهان کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو، اِها آئين ۽ قانون جي گهرج آهي. هن چيو ته پرويز الاهي چاهي ٿوته ٻنهي مخالف ڌڙن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي، پر ائين ممڪن ناهي. پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان هن وقت ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، کيس چار ڇِرا لڳا ۽ اڃا تائين پنهنجي گهر کان ٻاهر نه پيو نڪري، عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو، اسان ان تي عمل نه ڪريون ها ته مُلڪ ڏيوالو ڪري وڃي ها.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں