بدين (رپورٽ:مرتضيٰ ميمڻ) بدين شھر مان گذرندڙ قاضيا واھ جا ٻنھي پاسن جا ڪپر ختم ٿي وڃڻ ڪري پسگردائي جي آبادين جي ٻڏڻ جي خطري کي مد نظر رکندي سنڌ حڪومت طرفان قاضيا واھ جي ٻنهي پاسن کان پڪيون ڀتيون ڏيئي شھري آبادي کي بچائڻ لاء هاءِ ويز کاتي بدين ذريعي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ديوارن جوتعمير جو ڪم شروع ڪرايو جنهن جو ٺيڪو ھڪ بااثر ٺيڪيدار کي ڏنو ويو آهي ھن ڪم کي چار سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي ديوارن جو ڪم مڪمل نٿوٿئي ڪجھ ديوارن جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب ڪجھ مھينا پھرين ديوار ڪري پئي ھئي جنهن کي ٻيھر تعمير ڪرائي ويئي پر مسلسل ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب ٻن مھينن کانپوء ٻيھر ديوار ڪري پئي آهي علاقي واسين گل ھنگورجو عبدالله ملاح نورحسن ۽ ٻين شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ھن وقت قاضيا واھ ۾ وارا بندي سبب پاڻي نه آهي انهيَ دوران ديوارون ٺاهيون وڃن ٻئي صورت واھ ۾ پاـي اچڻ سان پسگردائي جي آبادين کي ٻڏڻ جو خطرو آهي جنهن جي ذميواري ھائي ويز کاتي ۽ ٺيڪيدار تي ھوندي.
