دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو پريس ڪلب آڏو نوابشاھ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽرياڻي پروين رند جي علامتي بک ھڙتال تي ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن غلام حيدر چانڊيو پھتو. پروين رند جو ڊي ايس پي سٽي آڏو سخت احتجاج، 6 ڏينھن کان سخت سردي ۾ ڏينهن رات خاندان سميت بکون ڪاٽي رھي آھيان ،ڇا اوھان جي نياڻي روڊن تي احتجاج ڪري ھا ۽ اوھان گھر ۾ آرام ڪيو ھا مون کي ٻڌايو، مون تي حملو ٿيو، منھنجي شاگرد ڀاء ۽ چاچن تي ڪوڙو ڪيس رشوت عيوض بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪوڙي ڪيس جي جانچ نه ڪئي وئي دادو پوليس مون کي ڪھڙو انصاف ڏنو، مون تي قاتلاڻا حملا ڪيا پيا وڃن مونکي حراسمينٽ ڪيو پيو وڃي مون کان سيڪيورٽي کسي وئي، مونکي ٿڪائڻ لاء ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اسان مٿان حملو ڪرائڻ وارن تي ڪيس داخل نه ٿو ڪيو وڃي، سڏ پنڌ تي پوليس آھي 6 ڏينھن بعد اچي اوھان اھو پيا چئو تہ درخواست داخل ڪرايو پوء انڪوائري ڪنداسين. ڊاڪٽر پروين رند ڏينهن رات بک هڙتال ختم ڪرڻ کان ڊي ايس پي سٽي کي کتو جواب ڏئي ڇڏيو، هن ڊي ايس پي آڏو مطالبه رکيا ته سندس ڀاء، چاچن تي داخل 154 نمبر ڪوڙي ايف آء آر ختم ڪئي وڃي، ڊاريڪٽر غلام مصطفى راجپوت سميت 12 ڄڻن تي مٿس قاتلاڻي حملي جي ايف آء آر داخل ڪري تحفظ ۽ سيڪيورٽي ڏني وڃي.
