دنيا جو اهم ترين مسئلو موسمياتي تبديلي ڪلائيمينٽ چئنج

مارئي بلوچ
قدرت جو پنهنجو نظام آھي جيڪي هزارين سالن کان هلندو پيو اچي ۽ وقت سان گڏ قُدرتي نظام ۾ وقتن به وقتن تبديليون رونما ٿيون آھن. انسانن پنهنجي عملن سان قدرت سان جيڪا ڇيڙڇاڙ ڪئي آھي اُھا وري ڦِري انسان ذات جي ڳچي ۾ پئي آھي ڇاڪاڻ ته اسان انسانن ترقي يافته ٿيڻ جي چڪر ۾ قُدرتي وسيلن جو بي دريخ استعمال ڪيو. بلڪه غلط استعمال جو لفظ استعمال ڪنديس ته به غلط نه هوندو. زمين جي اندر موجوده قدرتي تيل جي وسيلن جو بي تهاشا استعمال ڪري بجلي ٺاهڻ جي چڪر کان وٺي انڊسٽر لائيزيشن جي جديد ۽ تيز عملن ڪرڻ ۾ گرمي وڌائڻ وارن عملن انسان ذات کي هڪ وڏي ۽ اهم ترين مسئلي ۾ مُبتلا ڪري ڇڏيو آھي. اُھا آھي موسمياتي تبديلي Climate change ڪلائيميٽ چئنج هينئر دُنيا جي اهم ترين ڳنڀير مسئلن مان اهم مسئلو آھي جنهنجي ڪري پوري دُنيا پريشان آھي ته ڪنهن به طريقي سان ان مسئلي جو هل ڳولي ڪنٽرول ڪجي. ڇاڪاڻ ته ڪلائيميٽ چئنج جي اثر هيٺ جيڪي انساني جيوت آھي جنهن تي موسمياتي تبديلي رونما ٿي آھي اُن اثر جي ڪري ترقي يافته مُلڪ ته تمام گهڻا اثرانداز ٿيا آھن ۽ ٿين پيا پر يورپ ۽ ٻيا ترقي يافته مُلڪ پڻ شديد موسمياتي اثر هيٺ آھن. هڪ رپورٽ مُطابق يورپ هينئر سياري جي سرد موسم ۾ گرم ٿي ويو آھي ايستائين جو جنوري ۾ فرانس جو گرمي پد 24.9 آھي ۽ سوئيزرلينڊ جو گرمي جو درجو 19c کان گهٽ نه پيو وڃي. وارسا جو گرمي درجو 18.9سينٽي گريڊ تائين وڃي رهيو آھي.اُتي اسانجي مُلڪ پاڪستان ۾ ڪراچي جو گرمي پد 18 سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿئي ٿو پيو اسان تمام ڳڻتي جوڳي موسمياتي تبديلين ڏانهن وڌي رهيا آھيون. ڇاڪاڻ سال 2022 جي مون سون جيڪا تَباهي برساتن جي روپ ۾ برپا ڪئي اهو ته سڀني جي اڳيان آھي. هي 2022واري ٻوڏ ته اڄ کان 12 سال اڳ 2010 جي مَھا ٻوڏ جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ڪلائيميٽ چئنج جي اهڙين تبديلين کي ترقي يافته مُلڪ به شايد روڪي نه سگهن.پر جيئن ته ترقي يافته مُلڪ پاڻ وٽ ناڻو ۽ توانائي واريون سهولتون پاڻ وٽ رکن ٿا ته اهي Climate changeجي نتيجي ۾ ايندڙ آفتن کي برداشت ڪري ويندا.پر اسانجي مُلڪ پاڪستان ۽ ٻين ترقي يافته مُلڪن لاءِ اهڙن آفاتن کي برداشت تمام ڏُکيو آھي.اُن زنده مثال ته ٻوڏ مُتاثر علائقا آھن.جتي ٻوڏ مُتاثرين خسته حال ۽ بي گهر آھن مُتاثرن کي پاڻ ايتري وسيعت نه آھي جو هو پنهنجا اَجها کڻي سگهن نه وري اسانجي سرڪار وٽ ايترا وسيلا آھن جو هو چئني صوبن جي ٻُوڏ مُتاثرين کي وري آباد ڪري سگهي. مقصد چوڻ جو ته هي دُنيا ليول جو مسئلو آھي ۽ دُنيا ان مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ علم تحقيق جا نوان رستا آگاهي ۽ عمل ڳولي انهن تي عمل پيرا آھن.اسان پاڪستانين کي پنهنجي علائقي پنهنجي وس آھر ڪلائيميٽ چئنج جي حوالي سان عمل پيرا ٿي ڪجھ اهم ڪم ڪرڻ گُھرجن ته جيڪر اسان ان هم مسئلي لاءَِ ڪجھ نه به ڪيون ته جيئدان لاءِ ڪا راھ ڪڍون.تنهن لاء اسانکي اهڙن ڪمن ڪرڻ جي ضرورت آھي جو اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ اناج جي کوٽ جو مسئلو نه ٿئي ۽ حالات بهتر ٿين تنهن لاء اسانکي سمارٽ ايگريڪلچر ڏانهن وڃڻو پوندو.جنهن وسيلي ٿوري ايراضي تي گهڻا فصل پوکي کاڌ خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن.اهي علائقا جتي پاڻي جي اڻانٺ آھي اتي ڊرپ ايريگيشن وسيلي پنهنجي ضرورت واريون سبزيون يا ٻوٽا پوکي سگهجن ٿا.جنهن سان وقتي طور تي کاڌي جي کوٽ جو پورائو ٿي سگهندو پر تازه خوراڪ حاصل ڪري صحتمند پڻ بڻجي سگهون ٿا.ان کان علاوه سماج جي هر ننڍي وڏي فرد کي وڻ پوکڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته ماحول ۾ وڌندڙ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ کي گهڻي کان گهڻا وڻ پوکي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ وڻ سان گڏ ماحول کي خوبصورتي پڻ ملندي.تنهن ڪري ماحول ۽ علائقي جي لحاظ کان ڊزاسٽر ريزيلينٽ فصل ۽ ٻوٽا پوکڻ گهرجن ته جيئن اهي موسم جي سٽ به سهي سگهن ۽ انهن ٻوٽن مان خاطرخواه فائده حاصل ڪري سگهجن.هينئر پاڪستان اندر ڪافي ماڻھو ۽ ادارا به موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آھن.جنهن ۾ سنڌ اندر ڪلفٽن اربن فاريسٽ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو هائيلائيٽيڊ ٿيل بهترين ڪم آھي ان کان علاوه پنجاب جي ڳوٺ ناڙا مُغلا چڪوال ۾ پودا جي باني ميڊم ثمينه نظير جو سمارٽ ايگريڪلچر جو فارم ھڪ مثالي ۽ بهترين عمل آھي .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں