لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ زيبسٽ لاڙڪاڻو پاران ثقافت، سياحت ۽ آرڪائيوز کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل لائبريريز جي سهڪار سان سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ 12 هون سافٽ ويئر اينڊ هارڊ ويئر نمائش لڳائي وئي جنهن ۾ ڪمپيوٽر سائس ڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجا پراجيڪٽس نمائش لاءِ رکيا. نمائش ۾ زيبسٽ ڪاليج سميت مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ پهچي نمائش ۾ شرڪت ڪئي جن کي زيبسٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي ٺاهيل پراجيڪٽس بابت آگاهي پڻ ڏني. ان موقعي تي پراجيڪٽس ٺاهيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زيبسٽ جي انتظاميه طرفان 12 هون سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر نمائش لڳائي اسان کي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي جنهن ۾ اسان جديد دور مطابق عام ماڻهن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪارآمد پراجيڪٽس پيش ڪيا آهن انهن کي جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ لانچ ڪيو ويندو ته ان سان ڪافي مسئلا حل ٿيندا ان لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مدد ڪري جيئن اسين پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهون.
