قاسم خاصخيلي
سنڌ ڌرتي تي ڪافي اهڙيون شخصيتون پئدا ٿيون آھن جن پنھنجي طور توڙي گڏيل طور ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي ڏکن سکن کي نہ رڳو محسوس ڪيو آھي پر انھن تڪليفن تي پاڻ بہ لڇيا ۽ ڪڙھيا ضرور آھن انھن مان هر هڪ مختلف انداز ۾ پئي نڀايو آھي ڪن سياسي انداز ۾ ته ڪن ادب سجاڳي جي شعور وسيلي ۽ شاعري جي ڏانء سان بہ ڌرتي جا درد پنھنجي قلم سان اوتي ماڻھن ۾ سجاڳي ۽ حق سڃاڻڻ جا جتن پئي ڪيا آھن سنڌ ڌرتي جي موهن جي دڙي جي ڇانو ۾ ڳوٺ ٻلھڙيجي بہ هڪ جدا تاريخي حيثيت جو اهڃاڻ ليکيو وڃي ٿو جتي ڪيترائي سنڌ جا عاشق پنھنجي ڌرتي سان عشق جي اوج تي پھچي امر بنجي ويا ۽ ان ئي املھ مٽي مان پئدا ٿيل ڪيترائي هيرا هن وقت بہ وطن جي مارو ماڻھن جي پنھنجي خدمت جاري رکندا پيا اچن. ان ئي ٻلھڙيجي جي ڪک مان جنم ورتل مير محمد پيرزادو بہ هڪ ناميارو اديب ۽ سنڌ جو اهڙو عاشق هيو جنهن پنھنجي قلم ۽ عملي ڪمن وسيلي سنڌ ڌرتي لاءِ پنھنجي حب ۽ تڙپ کي ڪڏهن بہ ماٺو ٿيڻ نہ ڏنو هن سنڌ جي جنھن مٽي مان جنم ورتو هو ان سان اهڙو ته وفا جو ناتو نڀايو جو اڄ سندس وڇڙڻ کي چئن سالن جو عرصو گذرڻ بعد بہ هن جي موجودگي جو احساس تازو رهندو اچي پيو، سائين جي ايم سيد جو ساٿي ناليوارو شاعر، اديب، ليکڪ ۽ زرعي تحقيق دان مرحوم سائين مير محمد پيرزادو 19 جون 1944ع تي ڳوٺ ٻلھڙيجي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رحمت الله پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو. مير محمد پيرزادو نامياري ليکڪ انور پيرزادي جو سڳو ماسات ۽ پاڻ پرائمريءَ کان وٺي مئٽرڪ تائين ٻئي گڏ پڻ پڙهيا. مير محمد پيرزادي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان 1962ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ننڍ پڻ ۾ سندس والد وفات ڪري ويو جنهن کان پوءِ پنهنجي چاچي جي مدد سان سنڌ زرعي ڪاليج (ان وقت هي ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماتحت هو) ان مان 1967ع ۾ بي ايس سي (آنرز ايگرانامي) پاس ڪيائين. 1969ع ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت سان زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو. جتان ڪجهه عرصي لاءِ سندس ڏوڪري، سجاول، ڪوٽ ڏجي، دادو ۽ ٻين هنڌن تي بدليون به ٿينديون رهيون، پر سندس مستقل رهائش سڪرنڊ ۾ ئي رهي. مير محمد پيرزادو ڪڻڪ جي تحقيقاتي اداري سڪرنڊ جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو جتان 20 جون 2004ع تي رٽائر ڪيائين.
مير محمد پيرزادي1969ع ۾ شادي ڪئي ۽ شاعريءَ جي شروعات به ساڳئي سال کان ڪيائين ٻلھڙيجيءَ جي مئخانن ۾ ٿيندڙ راڳ، جهونن جي ڪچهرين، شادين وهانءَ جي سھرن ۽ ڳيچن ٻڌڻ ڪري کيس شاعريءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيو. هن جا وڏا ٻلھڙيجيءَ جا هئا ھو عربي فارسي ٻوليءَ توڙي حڪمت جا ڄاڻو ۽ تحصيل يافته هئا، اتي موجود شاهه جمال جي درگاهه جو مئخانو شروع کان وٺي علم ۽ ادب جو مرڪز رهيو جتي راڳ ۽ سنگيت جو اهو عالم هو ته سنڌ جي گويئي استاد الھڏنو نوناري، جيوڻي ٻائي، استاد بنده علي خان، استاد منظور علي خان کان ويندي شرافت علي خان تائين سڀ سُريلا راڳي ان مئخاني تي پنهنجي فن جا جلوا ڏيکاري چڪا هئا، جنهن ڪري مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ کي پختگي ملي. سندس شاعريءَ ۾ موسيقي ۽ رواني ڪمال جي آهي. گڏوگڏ کيس راڳ ۽ سنگيت جي به وسيع ڄاڻ هئي. مير محمد پيرزادو جا ٻه شعري مجموعا سندس حياتي ۾ ڇپيا جن ۾ مکڙيون ماڪ ڦڙا (1981ع) روشني پبليڪيـشن ڪنڊياري پاران ڇـپـيو ۽ ٻيو ليار نيڻن ۾ ڦٽا (1999ع) مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ طرفان ڇپيو ويو، شاعريءَ ۾ صنف گيت سندس خاص سڃاڻپ رهيو آهي، جنهن ۾ هن ڪافي ڪامياب تجربا ڪيا. سندس پهرئين شعري مجموعي ’مکڙيون، ماڪ ڦڙا‘ تي سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن سگا طرفان گولڊ ميڊل ڏنو ويو، جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ به ان ڪتاب کي سال جي بهترين ڪتاب طور پهريون انعام ڏنو هو. مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ جا ٻه وڌيڪ مجموعا ۽ ٻه مضمونن جا مجموعا ڇپيا ويا آھن. سندس ايم اي سنڌيءَ جو مونوگراف ”ڪلهوڙن جي دؤر جو سنڌي ادب ۽ حضرت سلطان الاولياءَ خواجه محمدالزمان جو مقام“ عنوان هيٺ لکيل آهي. ان کان سواءِ سندس لاتعداد سياسي، سماجي، ادبي ۽ تنقيدي مقالا ۽ مضمون ڇپيل آهن. هن سرڪاري ملازمت دوران ڪڻڪ جي جنس ’مومل 2002‘ تيار ڪرائي، پاس ڪرائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين آبادگارن ۾ پنهنجي ساک قائم رکيو اچي. سائين مير محمد پيرزادي جون وڏيون ادبي خدمتون آهن جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي هن ڌرتي جا گيت لکيا ۽ قوم کي شعوري سگھه ڏيڻ ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو، سندس وڇوڙي سان ادبي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿيو جيڪو ڀرجڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي، اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. مرحوم سائين مير محمد پيرزادو 8 جنوري 2019 تي بيماريءَ سبب 75 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس سنڌ جي ادب زراعت ۽ ماڻھن لاءِ ڪيل لازوال جدوجهد ڪڏهن وساري نٿي سگهجي. سندس اڄ چوٿين ورسي جي موقعي تي اسان سندس جي مغفرت لاءِ ڌڻي در دعاڳو آھيون.
