حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي قومپرستن چيو آھي ته پيپلزپارٽي پنھنجن 15 سالن جي اقتدار دوران ھر سوال جي جواب ۾ رڳو اين آئي سي وي ڊي ۽ ارڙھين ترميم جي دعويٰ ڪندي آھي، پر ھاڻ پ پ پاڻ ارڙھين ترميم ختم ڪري سڀ ڪجھ وفاق حوالي ڪري ڇڏيو آھي ان ڪري ارڙھين ترميم واري ڪريڊٽ تان ھاڻ ھٿ کڻي. اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامھون ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاھڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاھھ جي سربراھي ۾ جوڙيل ڪميٽي، سنڌ اسمبلي مان وسيلن ۽ زمين تي صوبائي اختيار وفاق حوالي ڪرڻ جي لاءِ پاس ڪيل ٺھراءُ ۽ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي مندوخيل پاران قومي اسيمبلي ۾ 6 ميھنن اندر ڊوميسائيل ڏيڻ واري پيش ڪيل سٽيزن شپ واري ايڪٽ ۾ ترميم جي لاءِ پيش ڪيل بل خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامھون 24 ڪلاڪن واري بک ھڙتالي ڪيمپ تي ڳالھائيندي ڪيو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھھ اياز لطيف پليجي چيو تھ اڄ سنڌ جي ڇھن ئي ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 24 ڪلاڪن واريون بک ھڙتالي ڪيمپون قائم ٿيل آھن. ھن چيو تھ 7 ڪروڙ ماڻھن جي سنڌ جو اقتدار جن ماڻھن کي ڏنو ويو اھي چون ٿا اسان وٽ مينڊيٽ آھي ۽ ماڻھن کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ اھي حڪمران ڪھڙي قسم جا ماڻھو آھن جيڪي سنڌ کي ٻڪري ۽ ڊڳي جھڙي اھميت بھ نٿا ڏين، 15 سالن کان سنڌ جي حڪمراني پيپلزپارٽي وارن جي حوالي ڪيل آھي ۽ اھي 7 ڪروڙ ماڻھن جي وطن جي اختيارن جا سودا بنا چوڻ جي ڪندي نٿا ٿڪجن. ھن چيو تھ ريڪوڊڪ واري معاملي تي لکيل آھي تھ ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ صوبا قرارداد پاس ڪن تھ وفاق ڪن معاملن جو اختيار سنڀالي سگھي ٿو، اھا ڳالھھ سمجھڻ گھرجي تھ ريڪوڊڪ بلوچستان جو مسئلو آھي، بلوچستان وارن قرارداد منظور ڪئي تھ اتي بلوچستان جي ماڻھن احتجاج ڪيو، پر سنڌ ۾ پيپلزپارٽي وارن کي ڪنھن چيو تھ قرارداد پاس ڪرايو، پيپلزپارٽي وارن وٽ چوڻ جي لاءِ ٻيو ڪجھھ ناھي ۽ ھو 15 سالن کان چوندا وتندا آھن تھ اسان اين آئي سي وي ڊي ٺاھي آھي ۽ ارڙھين ترميم ڪئي آھي، پيپلزپارٽي وارن کان ڪيل ھر سوال جو جواب انھن ٻن شين تي ختم ٿئي ٿو، پر انھن ارڙھين ترميم کي پنھنجي لاءِ ڪريڊٽ بڻائي سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪئي آھي تھ وفاق ڀلي سنڌ جي معاملن تي قانونسازي ڪري، سنڌ جي معدنيات، وسيلا ۽ گذرسفر جا ذريعا پيپلزپارٽي وارن پاڻ لکي وفاق کي ڏئي ڇڏيا آھن. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي کي اھو ڏوھھ ڪرڻ جو ڪنھن چيو بھ نھ ھو، حڪومت نھ عمران خان جي ھئي، نھ مشرف، ضياءَ ۽ نھ ئي ايم ڪيو ايم جي ھئي، پر ھنن پنھنجي حڪومت ۾ اھو ڪم بنا چوڻ جي ڪري ڇڏيو آھي، وفاق ۾ اڌ درجن کان وڌيڪ وزير، اسپيڪر، پرڏيھي وزير ۽ مک کاتا پيپلزپارٽي وارن وٽ آھن، توھان اسيمبلي مان بل پاس ڪري پاڻ ئي ارڙھين ترميم کي ختم ڪري ڇڏيو آھي، ان ڪري ارڙھين ترميم جو راڳ آلاپڻ بند ڪيو، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن اھڙي بل جي حق ۾ ووٽ ڪري ون يونٽ جي تاريخ جيان غدارن جي لسٽ ۾ پنھنجو نالو لکرايو آھي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو چيو تھ حڪمرانن قانون ۾ ترميمن جي ذريعي سنڌ مٿان وار ڪيو آھي، سنڌ جا سمورا قومپرست سنڌ جا محافظ آھن ۽ جڏھن بھ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي خرابي حڪمراني ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن سميت سنڌ مٿان ٿيندڙ ھر وار خلاف جدوجھد ڪري سنڌ کي بچايو آھي، ٻٽي مڪاني نظام، ٻيٽن تي قبضي، ڌارين جي آبادڪاري، ڪالاباغ ڊيم ۽ بحريا ٽائون سميت ھر مسئلي تي سنڌ جي قومپرستن جدوجھد ڪئي آھي، پيپلزپارٽي اقتدار جي خاطر سنڌ فار سيل ڪري ڇڏي آھي. ھن چيو تھ ھڪ طرف نوان صوبا ٺاھڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ڪميٽي ٺاھي وئي آھي، ٻئي طرف جنھن ارڙھين ترميم جو راڳ ھو ڳائيندا وتندا آھن ان ارڙھين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي لاءِ سنڌ اسمبلي ۾ ويھي صوبائي اختيار سيرينڊر ڪري ڇڏيا اٿن، سنڌ جون زمينون کپائڻ جي لاءِ وفاق کي اختيار ڏنا ويا آھن، ھي سنڌ جا سمورا وسيلا کپائي سڄي ملڪ جو ٺيڪو کڻي رھيا آھن، ھي ملڪ اسان کي بھ عزيز آھي، پر سنڌ جي ماڻھن جا وسيلا سڄي ملڪ جي ماڻھن کي ڪيئن ٿا ڏئي سگھجن. ھن چيو تھ پي ڊي ايم کي جڏھن اقتدار جي ضرورت پئي تھ ھنن سنڌ جي وسيلن جو وڪرو ڪري خريد فروخت ڪئي ۽ اڄ جڏھن ملڪ معاشي بحران ۾ آھي تھ ان وقت بھ توھان سنڌ جا وسيلا کپائي سنڌ جي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙا ھڻون پيا. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي پاڻ آئيني ترميمون ڪري ارڙھين کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، ان ڪري ارڙھين ترميم جو راڳ ڳائڻ بند ڪري. پورھيت مزاحمت تنظيم جي چيئرمين سيد مسرور شاھھ چيو تھ صوبن جي جاگرافي جو اختيار صوبن کان کسي وفاق جي حوالي ڪيو ويو آھي، اھو ڪم ون يونٽ جھڙو ڏوھھ آھي، ھي انھن وڏيرن جھڙا غدار آھن جن ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ھو. ھن چيو تھ ماڻھن کي بي وقوف ڪري ارڙھين ترميم کي مڪمل طور تي رول بيڪ ڪري ريڪوڊڪ جي نالي ۾ ٽيڪنيڪل انداز ۾ 2 قراردادون پاس ڪري رضاڪاراڻي طور تي سنڌ اسيمبلي اھو چيو آھي تھ اسان سنڌ جي وسيلن جي مالڪي وفاق جي حوالي ڪيون ٿا. ھن چيو تھ سنڌ ۾ 47ع کان وٺي سيٽلر بيٺڪيت قائم ٿيل آھي، اھا سازش ٿيندي رھي آھي تھ سنڌين کي پنھنجن شھرن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي تھ جيئن سنڌي اقليت ۾ ويندا تھ پنھنجي قوم ۽ وطن جي ڪھڙي ڳالھھ ڪري سگھندا. ھن چيو تھ ڌارين جي آبادڪاري جي مسلسل لھر ھلندڙ آھي، ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ھي پھريان بھ غير قانوني طور تي ٺھرائيندا پيا اچن، پر ھاڻ مندو خيل جھڙن ماڻھن جي ذريعي ان کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ھن چيو تھ سنڌ کي ڪالوني بڻائڻ جي لاءِ سھولتڪاري جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ اسان مان ئي سليڪٽ ڪيل حڪمران آھن. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو چيو تھ اسان جي لاءِ سنڌ مقدس آھي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ۽ وزير خورشيد شاھھ جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي ٺاھي آھي تھ صوبن کان پنھنجين حدن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جو حق کسي وفاق حوالي ڪجي تھ جيئن ھو نوان صوبا ٺاھي سگھن. ھن چيو تھ سرائيڪي صوبو ٺاھڻ جي لاءِ نواز ليگ، پ پ ۽ پي ٽي آئي بيان ڏئي چڪا آھن تھ سرائيڪي صوبو ٺھڻ گھرجي تھ پوءِ ان جي لاءِ صوبن کان اختيار کسي وفاق جي حوالي ڪرڻ جو ڪھڙو مقصد آھي، اسان سمجھون ٿا تھ ھي رڳو سنڌ کي ورھائڻ جي ڪوشش آھي، ڇاڪاڻ تھ ايم ڪيو ايم جو ھڪ چڱو مڙس قومي اسيمبلي ۾ اڳ ئي ساڳي رٿ پيش ڪري چڪو آھي، ھي رڳو سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي لاءِ سازش ٿي رھي آھي، سنڌ اسمبلي ۾ ٺھراءُ پاس ڪيو ويو آھي تھ سنڌ جي وسيلن جي ورھاست جو حق مرڪز کي ڏنو وڃي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ ٿيل اھڙي قانونسازي جو نشانو رڳو سنڌ کي بڻايو ويندو، سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آھي.
