رحمت الله ٻرڙو
تازا ترين سياسي ٻائيتال جون خبرون هيٺيئن ريت آھن ته، پنجاب حڪومت گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سياسي اقتداري رساڪشيء جو شڪار پڻ آھي!! ڳالھ پنجاب جي اقتدار جي حصول واري آھي پر سياسي پکي سنڌ مان اڏار ڪري وڃي لاهور ديرا ڄمائن ٿا ته عمران خان کي سياسي مات ڏيڻي آھي. هوڏانهن جڏهن عمران خان کي ڪو سياسي اشارو ملي ٿو ته سنڌ جو سياسي ياترا هن کي ياد ايندو آھي ۽ پوء شيڊول مٿان شيڊول ڇهن مهينن يا سال پڄاڻان لاڙڪاڻي ،سکر يا ڪراچيء کي ميڊيا لاء سياسي ٽچ ڏئي سڌو وڃي بني گالا وسائيندو هو ۽ آھي!! ان سموري سياسي ڀڃ ڊاھ کان پوء اڄ جيڪا سياسي صورتحال بيٺي آھي ان ۾ پنجاب سياسي ٻائيتال جو بهترين آکاڙي طور استعمال ٿئي پيو جنهن ۾ خبر پوي ٿي ته ڪير ڪيترو سياسي وزن ۾ ڀاري آھي. جتي ن ليگ جي قيادت جو مفتاح اسماعيل کي تنبيهي پيغام پهچي ٿو اتي اهڙو ئي عمل پ پ پ جو اڳوڻو سينيٽر مصطفي کوکر به استعيفا ڏئي پنهنجي قيادت سان اظھار ڪري چڪو آھي. هوڏانهن مولانا فضل الرحمان سان مولانا شيرواڻي کان ويندي حافظ حسين احمد جن جي نيڪالي يا سياسي بغاوت ۽ وري حافظ صاحب جي واپسي پڻ ڄڻ ته موجوده سياسي ڀڃ ڊاھ جو تسلسل هو . سياسي طور تي هن موجوده حالتن ۾ جيڪا سياسي عداوتن ۽ بغاوتن جي لهر شروع ٿي آھي ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا اهو هڪ اهم سوال اڄ جي حالتن ۾ پڻ غور طلب آھي؟ سنڌ جو نئون گورنر ڪامران ٽسوريء جو ايڏو وڏو سرگرم ٿي سياسي طور ايم ڪيو ايم جي متفرق گروهن کي گڏڻ کان ويندي ،گلگت جي گورنر جون سياسي ياترائون يا ملاقاتون اسلامآباد،ڪراچي کان لاهور تائين لازمي آھي ڪنهن ڳجھ کان خالي ناهن!!؟؟ ڳجھ ڳجهاندڙ ڳالهڙين جيان سياسي ٻائيتال اندر ڪجھ نھ ڪجھ آھي ته ضرور؟ گذريل ڏينهن اندر مريم نواز کي پنهنجي قيادت پاران سونپيل پارٽيء جو سياسي معراج ؟ مفتاح اسماعيل کي سياسي ڇنڊ ؟ هوڏانهن آصف علي خان زرداريء جو اهو چوڻ ته وفاقي حڪومت حاصل ڪرڻ لاء پنجاب کي سياسي طور پنهنجو ڪرڻو پوندو مطلب پنجاب کي کٽڻو پوندو ، ان کانپوء هوڏانهن عمران خان جو اهو چوڻ ته نيوٽرلز پنجاب ۾ پ پ پ کي آڻڻ جي ڪوشش پيا ڪن، اسٽيبلشمنٽ سياسي انجنيئرنگ ڪري رهي آھي. هوڏانهن چوڌري شجاعت حسين جو پنجاب جي ق ليگ جي سيڪريٽري ۽ سينيٽر ڪامل علي آغا کي پارٽي مان نيڪالي ۽ سينيٽرشپ تان به سيٽ واپس ڪرڻ وارين تنبيهي عملن جو گس ٻڌائي ٿو ته ملڪ ۾ هڪ سياسي ٻائيتال ڪنهن نه ڪنهن سياسي ڀونچال کي جنم ڏيندو!! اهو سياسي ڀونچال ۽ عداوتن جي بنياد تي پارٽين اندر بغاوتون سياسي طور ڪٿي دنگ ڪنديون اهو سوال جواب جو ڳولاهو/ متلاشي پڻ آھي؟ ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ جون ڳالهيون هجن يا سياسي طور اڪتيل ماحول کي قومي ڌارا طور قومي حڪومت واري بحث کي جنم ڏنو آھي.هاڻي سوال اهو آھي ته ان سياسي ڀڃ ڊاھ کان ويندي سياس ٻائيتال جي پويان ڪهاڻيون ڪهڙيون آھن ۽ انهيء جو ڇيد ڇا بيهندو، اهي ڳالهيون ۽ انهن ڳالهين کي سمجهڻو پوندو؟ انهيءَ سياسي ٻائيتالي ماحول ۾ هي ڳالهيون به گردش ئي نه پر رڳرائي رڳرائي ماحول ۾ تيزيءَ سان پکيڙيون پيون وڃن ته ملڪ معاشي طور ڪنگالپڻي جو شڪار ٿي ويو آھي، ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ معاشي استحڪام نه هجڻ جون ڳالهيون عالم آشڪار ٿي چڪيون آھن ته ،موجوده ملڪي حالتون سياسي طور سياسي استحڪام جو گهرجائو پڻ آھن ۔ پر مٿي ڪيل ڳالهيون سياسي ٻائيتال جون آھن !
ملڪ کي سياسي استحڪام ملندو ته ملڪ معاشي استحڪام طرف ويندو پر هتي سياسي ٻائيتال سياسي استحڪام کي ڳڏجڻ ئي نه ٿو ڏئي ته پوء معاشي استحڪام ڪيئن ٿيندو!؟ ملڪ جا اقتداري ۽ اختياراتي سربراھ ان معاملي تي جتي پريشان آھن اتي رياست ۽ سياست سان دلچسپي رکندڙ حلقا به تمام گهڻو پريشان آھن ته هي سياسي ٻائيتال اندر ٿئي ڇا پيو!؟ هن سموري صورتحال کي سياسي طور به ته رياستي طور تي به اسان کي ڪيئن استحڪام وٺڻو آھي ان لاء ملڪ ،رياست ۽ سياست جي اسٽيڪ هولڊرز کي سنجيدگيء سان تڪڙن بنيادن تي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو .ٻي صورت ۾ هيءَ جيڪا ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عام ماڻھونءَ جي منهن وڌي يا لڳائي وئي آھي اها انتهائي خطرناڪ نتيجا ڏئي سگهي ٿي ان ڪري ان ڳالھ کي ڪنٽرول ڪرڻ ته ملڪ جي مڙني همدرد ۽ زميوارن کي گڏجي ملڪ جي سياسي ،معاشي ۽ انتظامي مسئلن جو فوري حل ڳولهڻ کپي ايئن نه ٿئي ته وقت هٿن ۾ نڪري وڃي ۽ متاثر عام ماڻھونء جا هٿ اسانجي ڳچين ۾ هجن؟! اتي پوءِ سوچڻ جو وقت ڪونه ملندو .ان ڪري اسان هتي ملڪ جي سڀني سياسي گهڻ گهرن کي اها ڳالھ سامهون رکون ٿا ته هنن حالتن ۾ پنهنجي اقتداري يا سياسي رساڪشي کي فوري طور ختم ڪري اوليت جي بنياد تي سياسي استحڪام کي بحال ڪرايو ته جيئن ۾ ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام جي ٻنڏ کي ٻنجو ڏئي سگهجي. ان کان پوءِ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي طوفان عام ماڻھن جو هوش اڏاري ڇڏيو آھي ته ڪجي ته آخر ڪجي ڇا!؟ ان ڪري سڀ کان پهريان حڪمران ڌر کي اڳتي وڌي سياسي اسٽيڪ هولڊرز سان رابطا ڪاري ڪري قومي مسئلن جو قومي حل ڳولھڻ کپي. ان کان پوءِ نوجوان نسل کي سنئين راھ تي آڻڻ لاء روزگار جا تڪڙا ۽ تز وسيلا ڪڍڻا پوندا؟ هوڏانهن ملڪ جي ادارن ۾شفارش ڪلچر ۽ رشوت ڪلچر ايتري ته هٿي ورتي آھي جو ڪو به مسڪين بي پهچ ۽ رشوت نه ڏئي سگهندڙ ماڻھون اوهان جي کوکلي دعوائن مان نااميد ٿي پاسيرو ٿي ويٺو آھي جنهن جي نااميدي کي بحال ڪرڻ خاطر تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت پڻ آھي. دنيا جون سڌريل قومون اهڙن ڪڌن عملن کي معيوب سمجهنديون آھن ته هتي ناانصافي آھي،هتي رشوتخوري آھي،هتي اقرباپروري آھي،هتي انصاف جي عدم عدولي پڻ آھي مطلب ته اهي گهرجون جيڪي عام سستيون ۽ بنا روڪ ٽوڪ انصاف ج بنياد تي عوام يا عام ماڻھون يا متاثر ڌر کي ملڻ کپن سي نٿيون ملن ته اهو تاثر گهٽ ۾ گهٽ سڌريل ملڪن ۾ ناهي ٿيندو!؟ سو خدارا هنن مٿين ڳالهين کي سامهون رکي سياسي قيادتن کي کي ملڪ مان سياسي ٻائيتال کي ختم ڪري ملڪ۾ سياسي استحڪام بحال ڪرڻو پوندو. هوڏانهن رياست ۽ سياست جي زميوارن کي به پاڻ ۾ گڏجي ويهي قومي حل ڳولهڻ کپي نه ته ٻي صورت ۾ حالتون ڄڻ ته ڪنٽرول مان وڃن پيون نڪرنديون، جنهن جو علاج ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو! قومن جي سرجري ڏاڍي ڏکي ٿيندي آھي ان ڪري جو قومي حل خاطر بعد ۾ اسان کي بجاء علاج جي قومي سرجري ٿي سوچڻو پوي ته ان کان اڳ ۾ ئي لڳل سياسي ۽ معاشي روڳن کي ڪوري ڪٽڻو پوندو!؟.
