نوابشاهه ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي، سنڌ جا وسيلا وفاق حوالي ڪرڻ خلاف علامتي بک هڙتال

نوابشاهه(ڊ ر) سنڌ حڪومت پاران سنڌ اسيمبلي مان قرارداد ذريعي سنڌ جا قدرتي وسيلا وفاق حوالي ڪرڻ، نوان صوبا جوڙڻ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران 24 ڪلاڪن جي علامتي بُک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي بُک هڙتالي ڪيمپ تي ايس يو پي جي مجبيب ماڇي، ڌڻي بخش ڪلوئي، محمد خان پنهور، ذوالفقار جوکيو، جسقم آريسر جي سرمد ميراڻي، جيئي سنڌ محاذ جي نويد ڇُٽو، قومي عوامي تحريڪ جي ابراهيم بگٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاهه جي ستار سندر، بخشل باغي، امداد رند، پريم پتافي ۽ ٻين ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران نون صوبن ٺاھڻ واري ڪاميٽيءَ جي قيام، سنڌ اسيمبليءَ پاران سنڌ جا قدرتي وسيلا مرڪز جي حوالي ڪرڻ واري بل ۽ قومي اسيمڀليءَ ۾ پ پ پ ايم اين اي پاران سٽيزن ايڪٽ 1951 ۾ ترميم ڪري سنڌ ۾ ٻاھرين صوڀن ملڪن کان ايندڙ ماڻھن کي ڇھ مھينا رھائش اختيار ڪرڻ تي پي آر سي ڏيڻ واري بل پيش ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي نون صوبن جو بل پاس ڪري سنڌ سان غداري جو ثبوت ڏنو آهي هنن چيو ته پاڪستان پپيلزپارٽي وفاق سان ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ جا سمورا وسيلا وڪرو ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته سنڌ جو عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي اڻ کُٽ پيداوار هئڻ جي باوجود هٿ سان وٺي اٽو مهانگو ڪري ڇڏيو آهي غريب ماڻهو بُک ۽ بدحالي مان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن هنن چيو ته سرمائيدار ۽ وڏيرا پنهنجي گدامن ۾ ڪڻڪ رکيو ويٺا آهن جيڪا خراب ٿي رهي آهي ليڪن سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو جيڪو منشور آهي اٽو، لٽو ۽ اجهو اُهي ٽئي شيون غريب عوام کان کسي ڇڏيون آهن جڏهن ته هن وقت وفاق سان سنڌ جو سودو ڪري سمورا وسيلا وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي جيڪو سنڌ جي عوام ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏيندي هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ اسيمبلي مان قرار داد ذريعي پيش ٿيل بل رد ڪيو وڃي ۽ نوان صوبن واري جوڙيل ڪاميٽي ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. جڏهن ته بُک هڙتالي ڪيمپ تي سنڌي ادبي شاخ نوابشاهه پاران قومي مشاعرو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ شاعرن قومي شاعري پڙهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں