ڄامشوري ضلعي ۾ لاقانونيت وڌي وئي آهي:جسقم

ڪوٽڙي(ن س) ڪوٽڙي جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، جسقم ضلعي چيف آرگنائزر سومر خان جمالي، محمد يوسف جمالي، حاجي ﷲ ورايو، غلام حسين جمالي، وارڊ نمبر 9 ڄامشورو ٽائون جي اميدوار مير گورنر خان جمالي، محروم جمالي سان گڏ ڄامشورو پريس ڪلب ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڄامشوري ضلعي ۾ لاقانونيت وڌي وئي آهي، ڪير به محفوظ ناهي، هڪ مهيني کان جسقم ڄامشورو جو اڳواڻ عابد جمالي گم آهي جنهن جو ڪو به ڏس پتو ناهي، سندس وارث پريشان آهن، جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام وڌيڪ چيو ته ڄامشورو م منشيات فروش،چور ،ڦرون ته آزاد آهن پر سياسي ڪارڪن، عام شهري غير محفوظ بڻيل آهن، جنهن جي ذميواري ڊسٽرڪٽ ڄامشورو جي پوليس جي آهي، ڪوٽڙي ۾ ڦورن هٿان قتل ڪيل پوليس اهلڪار جي قاتلن کي به ڄامشورو پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي، روز ماڻهو لٽجن ۽ ڦرجن پيا پوليس رڳو منشيات فروشن کان هفتو وصولي ڪرڻ ۾ پوري آهي، جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام چيو ته عابد جمالي کي جيڪڏهن آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي ڄامشورو ضلعي ۾ احتجاج ڪيا جو سڏ ڏنو ويندو، جسقم ضلعي ڄامشورو جي اڳواڻ سومرو خان جمالي چيو ته عابد جمالي ۽ سندس مامي فياض جمالي جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪو به نوٽيس وٺڻ وارو ناهي. پوليس ڄامشورو مان لاقانونيت، بدامني کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، شهري غير محفوظ بڻيل آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں