ڄام شورو ۾ بلڊر مافيا ڪراچي واهه جي ڪپن تي قبضا ڪرڻ لڳي

ڄام شورو(ڊ ر) ڄامشورو ۾ بلڊر مافيه جو ڪارنامو، پٽارو اسڪيم جي بااثر بلڊر پاران ڪي بي فيڊر ڪراچي واھ جي ڪپر تي قبضو ڪري ورتو ڪراچي واھ جو هڪ حصو پٽارو اسڪيم ۾ شامل ڪرڻ لاء ڪراچي واھ جي هڪ  حصي جي مٽي کوٽائي ڪري اسڪيم ۾ شامل ڪيو پيو وڃي پيو، ڪراچي واھ جي ڪپ تان ڊمپرن ۽ ٽريڪٽرن ذريعي مٽي کڻائي اسڪيم جا رستا ٺاهيا پيا وڃن ٻن ڏينهن کان ڪم تيزي سان جاري ساري  واھ جي ڪپرن تي بيٺل وڏا وڻ پڻ ڪپي کڻي ويا ، اعليٰ اختيارين ايريگيشن عملدارن  ڊي سي ڄامشورو کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ياد رهي ته برساتن ۾ ڪراچي واھ جا ڪپر اڳ ئي ڪمزور بڻيل آھن جنهن سان شھر ڄامشورو کي پڻ ڪپر ٽٽڻ ۽ شھر  ٻڏڻ جو خطرو هيو هاڻي اتي بااثر بلڊر مافيه پاران سري عام ڪي بي فيڊر تي قبضو ڪري مٽي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آھي ٻئي طرف شھرين سڄاڻ ڌرين پاران ڪراچي واھ تي قبضي ۽ مٽي ڪڍڻ ۽ واھ جي ڪپرن کي ڪمزور ڪرڻ جي مذمت اعلي اختيارين کي فوري طور نوٽيس وٺڻ ۽ بلڊر مافيه خلاف ڪاروائي جو  مطالبو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں