ڪنڌڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن جو ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ڊر)ڪنڌڪوٽ گولا برادري پاران انڊس هاءِ وي جي گولا موڙ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.گولا برادري پاران ٽريڪٽر جي واپسي نه ٿيڻ خلاف روڊ بلاڪ ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪجه ڏينهن پهريان دراني مهر ڪچي واري علائقي مان هٿياربندن ٽريڪٽر ڦر ڪيو جيڪو واپس نه ٿي سگهيو آهي پوليس ٽريڪٽر واپس ڪرائي هٿياربندن کي گرفتار ڪري.هنن چيو ته ٽريڪٽر واپس نه ٿيو ته احتجاج جاري رهندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں