ڪوٽ غلام محمد تعلقي ۾ اٽي جي اگهه ٽوڙي ڇڏيا، پورهيتن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

ڪوٽ غلام محمد (ن س) سموري سنڌ جيان تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ اٽي جي اگهن رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن اٽي جي اگھ ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿيڻ خلاف  چنگچي رڪشا ڊرائيورن پورهيتن مزدورن شهرين نيشنل پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد آڏو انور لنجواڻي، محمودالحق قريشي وقار ٿيٻو، ملهار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شاھ لطيف چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ اٽو مهانگو ڪرڻ تي  حڪومت خلاف اڀ ڏاڙيندڙ نعريبازي ڪئي ان موقعي احتجاج ڪندڙن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪرپٽ حڪمران ڪامورا ڪميشن ۽ ڪرپشن ڪري پاڻ ڀڀ ڀريندي ملڪيتون ٺاهين پيا ۽ غريب عوام وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب پنهنجا ٻچا وڪڻڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي. هنن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڪمداري ڪندي جڏهن سنڌ جا شهر زمينون ڳوٺ ٻڏل هئا ان وقت يڪدم ڪڻڪ جو اگھ وڌائي ڪڻڪ جو ريٽ 4000 هزار روپيا مڻ ڪري عوام کي بکون مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ اربين روپيا مافيائن ڪمايا. هنن چيو ته هن وقت ڪوٽ غلام محمد ۾ اٽي جو في مڻ 6000 هزار روپيا في مڻ ڊالڊا 520 روپيا في ڪلو ۽ شگر ملون هلڻ جي باوجود کنڊ 95 روپيا ڳڙ 150 روپيا ۽ ايري چانور 150 في ڪلو ٿي ويو آهي هنن چيو ته سنڌ ۾ روٽي ڪپڙا مڪان جي نالي تي لٽيو پيو وڃي، هتي ڪپڙا مڪان ته ٺهيو پر اٽو به 140 روپيا في ڪلو ملڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اٽي، ڊالڊا سميت گهريلو استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ سستائي آڻي غريب عوام کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں