حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد جي ٿڌين هوائن ۾ سنڌ جي صوفين جي امن، محبت، انسانيت ۽ ڀائيچاري واري پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هنيل ٻن ڏينهن وارو سنڌ صوفي ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، صوفي ميلي جيپڄاڻي تي لطيف جي وائي، قلندري ڌمال، عارفاڻي ڪلام ۽ جهمر سميت صوفياڻي راڳ تي هزارين ماڻهو جهومندا رقص ڪندا رهيا، ميلي ۾ ٿيٽر پڻ پيش ڪيو ويو، ميلي ۾ “صوفي رويا ۽ جديد سائنس” جي موضوع تي سيشن پڻ ٿيو. ڄاڻ موجب سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي سرد راتين ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان مي رقصم جي سري هيٺ ٻن ڏينهن وارو سنڌ صوفي ميلو قلندري ڌمال، لطيف جي پيغام، صوفياڻي راڳ، لوڪ رقص ۽ جهمر سميت ٻين صوفي رنگن سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، صوفي ميلي جي پڄاڻي تي محفل سماء ۾ سنڌ توڙي ملڪ جي ناميارن صوفي فنڪارن پنهنجا سر وکيريا، رات دير تائين هلندڙ موسيقي جي محفل ۾ شريڪ هزارين ماڻهو جهومندا رقص ڪندا رهيا. ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن تي “صوفي رويا ۽ جديد سائنس” جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنهن جو ماڊريٽر ناميارو اديب نصير مرزا هو، ان موقعي تي شاهه لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين منشي چيو ته ماڻهو پيدا ڇو ٿيو آهي، ان جي جواب لاءِ انسان پاڻ کي ڳوليندو آهي، نفس، روح ۽ شعور کي ڄاڻڻ وارو ئي موتي داڻو هوندو آهي، ماڻهو وڌي ويا آهن ۽ تعليم گهٽجي وئي آهي، ڪير به ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ منافق هجي، اهو صوفي نٿو ٿي سگهي، صوفي وٽ امن، محبت، ڀائيچارو ۽ رواداري آهي. هن چيو ته صوفي رويو پيدا ڪيو وڃي ٿو، پڙهايو نٿو وڃي، سنڌو ندي جتان جتان گذري ٿي، اتي پيار، امن، ڀائيچارو ۽ رواداري وهي ٿي. ڊي آءِ جي پير محمد شاهه چيو ته صوفي سوچ هم آهنگي آهي، اها صرف ماڻهن نه پر قدرت سان هم آهنگي آهي، اسين انسان مختلف فرقن ۾ ورهائجي ويا آهيون، سائنس صرف ترقي نه پر گدلاڻ به ڏني آهي، جيستائين صوفي واري ڳالهه دل ۾ نه ويهندي، تيستائين ماڻهن ۾ ٿيل ويڇا ختم نٿا ٿي سگهن، هن وقت جيڪي حالتون آهن، انهن ۾ امير وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي، غريب وڌيڪ غريب ٿيندو پيو وڃي، ان سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ صوفي ازم جو خيال اپنائڻو پوندو، سائنس علم نه پر هڪ طريقو آهي، صوفي هڪ نظريو آهي، صوفي علم ۽ ڄاڻ جو نالو آهي، جيڪو پنهنجي روين ۽ جملن سان اهو ٻڌائي ٿو، جنهن کي سائنس اڄ به ڳولي رهي آهي، صوفي سمجهائي ويا آهن ته دنيا هڪ خيالي آهي، صوفي خيال انسانيت کان به مٿانهون آهي، جيڪو دنيا ۾ هر نظر ايندڙ شيء کي بيان ڪري ٿو، انڊس ويلي اها ويلي آهي، جتي سڄي دنيا هتي اچي گڏجندي هئي، صوفي ثقافت، مذهب ۽ ڌرتي کي پاڻ سان گڏ کڻي ڳالھ ڪري ٿو. ڊي جي ثقافت منور علي مهيسر چيو ته اسان نٿا چاهيون ته سنڌي نوجوان پير، مير ۽ شيخ جا پير پڪڙي، جتان انهن کي ڪجهه به حاصل ٿيڻ وارو ناهي، تصوف ۽ سائنس جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو آهي، تصوف سوچ ۽ سائنس طريقو آهي، جيڪو پاڻ ۾ ملي تخليق ٿئي ٿي. تصوف هڪ رويي جو نالو آهي، تصوف ڪيتريون ئي صديون پهرين ڳالهيون ڪيون آهن، جيڪي سائنس 18 ۽ 19هين صدي ۾ ڪيون آهن، تصوف امن، پيار، محبت ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿو. سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته صوفي ميلو صرف حيدرآباد نه پر سڄي سنڌ سميت پوري دنيا ۾ ٿيڻ گهرجي، جيئن سنڌ جي صوفيت وارو رنگ سڄي دنيا تائين نروار ٿي سگهي، تصوف سنڌ ڌرتي جو خاص رنگ آهي، سنڌ جي صوفين جي شاعري ۾ آرٽ، ادب، موسيقي ۽ فلاسافي توڙي هر رنگ شامل آهي، جيڪو سائنسي علم آهي، صوفين جو پيغام پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ سڌارڻ آهي، سنڌ جي صوفي بزرگن جيڪو پيغام ڏنو آهي، اهو صحيح نموني نروار ئي نه ٿيو آهي، اسان پنهنجي تهذيب کي چڱي نموني سڃاڻي نه سگهيا آهيون، صوفين جو پيغام ڀائيچاري وارو آهي. ڊاڪٽر الطاف وسيم چيو ته صوفي ازم هڪ حقيقيت آهي، جيڪو پريڪٽيڪل سائنس ۽ نظريو آهي، مذهب ضابطه حيات ۽ تصوف رابطه حيات آهي، لطيف توڙي سنڌ جي هر صوفي وٽ ڪمال جو نظريو آهي، هنن وٽ جيڪا انسان دوستي آهي، اها هن وقت به سڀني کي ڪم اچي پئي. هن چيو ته تصوف انسان کي انسان سان جوڙي ٿو، اها ئي سائنس آهي، جوڙي رکڻ صوفي جو اهم منشور آهي، رب پاڪ انسان پيدا ڪيو آهي، انسانيت کي ئي مٿانهون قرار ڏنو آهي، صوفي ان نقطي کي وٺي اڳتي هلي ٿو، صوفي وٽ رنگ، مذهب ۽ نسل توڙي ٻيو رنگ شامل ناهي، عشق ئي ڪائنات جي تخليق جو سبب آهي.
