ملير(ڊ ر) گڏاپ جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن گاجان ڳوٺ، فقير محمد ڳوٺ، غلام محمد ڳوٺ،ڪونڪر پير بخش گبول ڳوٺ، سهراب فقير ڳوٺ، چنيسر فقير ڳوٺ،راهو گهرام ڳوٺ، حاڪو بروهي ڳوٺ، حسين بلوچ ڳوٺ،علي محمد خاصخيلي ڳوٺ،حاجي اميد علي گبول ڳوٺ ذڪريا جوکيو، سومار جوکيو ۽ ٻين ڳوٺن جي بجلي بند ھجڻ خلاف ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻجي ويا، سوين ڳوٺاڻن گڏاپ گرڊ اسٽيشن اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ڳوٺن ۾ بجلي بند هئڻ سبب واٽر سپلاءِ موٽر نه هلڻ ڪري پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي،ڳوٺاڻن جي پوکيل پوک تباهه ٿي وئي ان موقعي تي گڏاپ جي ڳوٺاڻن الاهي بخش بلوچ، رئوف جوکيو، غفار گبول، اڪبر جوکيو، رشيد بلوچ، مير نواب بلوچ، حاجي غلام مصطفي بلوچ، ظفر حميد بلوچ ۽ ٻين ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بلنگ نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي گڏاپ جي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا گڏاپ جي ڳوٺاڻن سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي اسان ڳوٺاڻن بجلي جا بل جمع ڪرايا آهن تنهن باوجود انتظاميا بلنگ نه ٿيڻ جو غلط جواز ڄاڻائي ڳوٺاڻن کي ازيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، گذريل چهن مهينن کان بجلي بند هجڻ سبب ڳوٺاڻا ۽ آبادگار پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته اسان جيڪي پوک پوکي هئي پاڻي نه هجڻ جي ڪري اها خشڪ ٿي وئي آهي ڳوٺاڻن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي شڪايتي سيل تي مسلسل شڪايتون درج ڪرايون آهن پر هن وقت تائين بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي، ڳوٺاڻن وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪري گڏاپ جي سمورن ڳوٺن جي بجلي بحال ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ سوين ڳوٺاڻا سپر هاءِ تي وي بند ڪري سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.
