جيڪب آباد ۾ ايس ٽي پي جو گاهه ۽ سڪل ماني کڻي احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد (رپورٽ:صاحب خان چانڊيو) ترقي پسند پارٽي پاران مھانگائي خلاف گاھه ۽ سڪل ماني اٽو کڻي احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ترقي پسند هائوس کان ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي،عبدالنبي مگسي ۽ محمد عمر سولنگي، خادم سرڪي، غلام مصطفيَ ڀٽو، بابو عطار، سيد علي شاهه، صاحب خان چانڊيو، آصف مستوئي ،رضا گهڃو، اويس جاگيراڻي، امجد سومرو، اشفاق ڀٽي، زوبير شاهه، فاروق ابڙو جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍيو ويو مظاھرين شهر جي مختلف رستن تي مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو ۽ سنڌ سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ اٽو 150 روپيا ڪلو ٿي ويو آهي، وڌندڙ مھانگائي عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، سنڌ سرڪار خاموش بڻيل آهي. فوري طور تي اٽي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي ضابطو آڻي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں