حيدرآباد ۾ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) نوان صوبا ٺاھڻ بابت پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ، سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ٻين صوبن جي ماڻھن کي سنڌ جو ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ڏيڻ جي سازش ۽ پيپلزپارٽي پاران آرٽيڪل 144 ۽ 147 جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل قرارداد خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي سڏ تي حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، ايس يو پي جي روشن ٻرڙو، پورھيت مزاحمت جي مسرور شاھه، اشرف پليجو، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ايڊووڪيٽ منور جتوئي، ڪامريڊ نثار لغاري، زينت سمون، جيئي سنڌ محاذ جي وقار ڪالرو، ڊاڪٽر بدر چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون ٻئي ڏينھن به ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي ڪيو اي ٽي جي سربراهه اياز لطيف پليجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 15 سالن کان سنڌ تي ڌاڙيل راڄ قائم آھي، ڪرپٽ حڪمران پنھنجي اقتدار ۽ ڪرپشن لاءِ ڪڏھن ذوالفقار آباد ۽ بحريا ٽائون ذريعي سنڌ جي ساحلي پٽي، ڪوھستان ۽ لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪرائي ڇڏين ٿا، ڪڏھن ڪارونجھر جبل وڪڻي ڇڏين ٿا، ھاڻ 18 ھين ترميم تان ھٿ کڻي سنڌ جو تيل، گئس، ڪوئلو ۽ معدني دولت ڏئي ڇڏي اٿن. هن چيو ته پيپلزپارٽي لاءِ سنڌ گندو ڌنڌو آھي، ان ڌنڌي ۾ سڀ ڪجھ لٽجي ۽ تين وال ٿي رھيو آھي، سنڌي ماڻھو لاتعلق نه ٿين، سنڌي ماڻھو جيترو به لاتعلق رھندا ايترو تباھه ۽ برباد ٿيندا رھندا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي ترقي پيپلزپارٽي ۽ وفاق جي ايجنڊا تي ناھي، زرداري سنڌ جي عوام کان اٽو به ڦري ورتو آھي. هن چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ بابت ڪميٽي سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن سازش آھي، پيپلزپارٽي ھٿ وٺي ڪميٽي ٺھرائي آھي، زرداري وڌيڪ پنج سال اقتدار لاءِ سنڌ ٽوڙڻ لاءِ تيار آھي، ھنن کي رڳو مال گھرجي. هن چيو ته سنڌ جو ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ڌارين کي ڏئي سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ نوڪرين تي ڌاڙا ھنيا ويندا، سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي، سنڌ خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، زرداري کي صرف اقتدار گھرجي، ھنن کي سنڌ، سنڌي ماڻھو، زراعت، تعليم، روزگار ۽ وسيلن سان ڪو به پيار ناھي، ھي سڀ ڪجھ وڪڻڻ آيا آھن. هن چيو ته سنڌ جا وسيلا لٽڻ لاءِ پيپلزپارٽي کي سنڌ تي مڙهيو ويو آھي، پيپلزپارٽي ڌرتي ڌڻين کان پڇڻ کانسواءِ سنڌ بابت فيصلا ڪري رھي آھي، سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ لاءِ صوبائي اسيمبلي غيرقانوني قرارداد پاس ڪئي آھي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ڪميٽين جي آڙ ۾ سنڌ جي وحدت تي حملا ڪري رھيو آھي، سنڌ جو عوام پنھنجي وحدت جي بقا لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچي، جيئن بلڊر زمينن کي ٽڪڙن ۾ کپائيندا آھن، ائين پيپلزپارٽي سنڌ جي وڪڻي رھي آھي، اقتدار لاءِ سنڌ جي وسيلن جا سودا ڪري سنڌ کي ٽوڙڻ لاءِ سازشون ڪري رھي آھي ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ناپاڪ منصوبابندي ڪري رھي آھي. هن چيو ته اٽو مھانگو ٿيڻ سان غريب ۽ بيروزگار ماڻھو بک مري رھيا آھن، سنڌ جا ھاري، مزدور ٻه وقت جي ماني لاءِ پريشان آھن، ملڪ ۾ غير يقيني واريون حالتون برقرار رھيون ته معاشي صورتحال بي قابو ٿي ويندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ظالم حڪمران سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي غريب مسڪين ماڻهن اجها پٽ ڪري معصوم ٻارن عورتن ۽ ماڻهن کي ٻوڙي ماري سنڌي ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت جي لاپرواهي ۽ بي حسي جي ڪري ماڻهو سخت متاثر ٿيا آھن، ٻوڏ متاثر سخت سردي ۾ اڃا تائين کليل آسمان هيٺ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن، حڪومت طرفان ڪي به صحيح اپاءَ نه ورتا ويا آهن، ٻوڏ متاثرن کي رھڻ لاءِ خيما ۽ گرم ڪپڙن جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني، چوري، اغوا، ڌاڙن جي وڌندرن واقعن تي ڳڻتي آھي، ڪرپٽ مافيا سنڌ کي لٽي رھي آھي، سنڌ ۽ ملڪ مان سمورن غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں