سردار فتح محمد حسني ۽ نوابزادا گزين مري سميت بلوچستان جا اهم سياسي اڳواڻ پ پ ۾ شامل

ڪراچي ( بيورو ) اڳوڻي صدر آصف علي زررداري سان بلوچستان جي اهم سياسي اڳواڻن ملاقات ڪئي آهي. پ پ ترجمان موجب اڳوڻي صدر سان ملاقات کانپوءِ بلوچستان جي اهم سياسي اڳواڻن پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير سردار فتح محمد حسني، اڳوڻن صوبائي وزيرن نوابزادا گزين مري ۽ طاهر مري سميت مير فريد رئيساڻي، نوابزادا جمال رئيساڻي، مير عبدالله راهيجا ۽ ميرالله بخش رند ۽ ٻين پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. آصف زرداري پ پ ۾ شامل ٿيندڙ بلوچ سياسي اڳواڻن کي واڌايون ڏنيون. اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته بلوچستان ۽ پيپلز پارٽي جو هڪ تاريخي رشتو آهي، پ پ سدائين بلوچستان جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته پ پ بلوچستان جي عام ماڻهن جي حقن لاءِ پنهنجي جدوجهد تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں