سڪندر چنو
2004 ۾ واشنگٽن پوسٽ جي ناليواري صحافي ڊيوڊ اٽاوي کي انٽرويو ڏيندي ان وقت جي سعودي وزير خارجه سعود الفيصل هڪ وڏي خوبصورت ۽ دلچسپ ڳالهه ڪري ويٺو هيو. ان چيو هيو ته سعودي جا آمريڪا سان دوستاڻن لاڳاپن جي نوعيت ڪيٿولڪ جي شادي واري نه آهي. جتي هڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت نه هوندي آهي. اسان مسلمانن کي چار شادين جي اجازت آهي. اسان جي باري ۾ اهيو سوچڻ غلط آهي ته جيڪڏهن اسان جا جيڪڏهن ٻين ملڪن سان لاڳاپا بهتر ٿيندا ته ان جو اهيو به مطلب نه آهي اسين آمريڪا کان طلاق وٺي رهيا آهيون. دنيا ۾ ڪابه خود مختيار قوم جيترن ملڪن سان چاهي لاڳاپا رکي سگهي ٿي. پر آمريڪا کي سعودي جو ويجهو دوست ملڪ تسليم ڪيو ويندو آهي. 1973 ۾ شاهه فيصل بن عبد العزيز کي آمريڪا ڌمڪي ڏني هئي ته هو تيل کي هٿيار طور استعمال نه ڪري ۽ اسرائيل جي مقابلي ۾ عربن جي مدد نه ڪري. جنهن تي شاهه فيصل آمريڪا کي کتو جواب ڏنو ته هو پنهنجي اصل زندگي بدئن واري زندگي گذاريندا ۽ ان طرف واپس موٽي ويندا مگر آمريڪا جي ڪڏهن به ڊڪٽيشن قبول نه ڪندا. آمريڪا ۽ چين وچ ۾ گهٽ وڌائي ايندي رهي آهي پر جيترا هاڻي تعلقات خراب ٿيا آهن. اهڙا ڪڏهن به نه ٿيا آهن. تازو چين جي صدر شي چن پنگ پاران سعودي عرب جي دوري کان پوءِ يقينن آمريڪا سخت ناراض ۽ پريشان آهي. آمريڪا وزارت خارجه بيان ڏيندي چيو آهي ته اسان دنيا جي ملڪن کي اهيو نٿا چئون ته دوستي لاءِ آمريڪا ۽ چين کي چونڊيو مگر اسين چئون ٿا ته توهان کي آمريڪا به مختلف شعبن ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. پر فيصلو توهان جي هٿن ۾ آهي. چين صدر جي دوري دوران سعودي ۽ چين 29 بلين ڊالرن جي 34 معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. گرين هائيڊروجن، پيٽرو ڪيميڪلز، آئي ٽي، ٽرانسپورٽ، ميڊيڪل، وڏين عمارت جي تعمير، عدالتي تعاون، ۽ چيني زبان سکائڻ جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي چيني صدر شي چن پنگ چيو ته چاهيون ٿا ته اسين سعودي عرب کان تيل ڊالرن ۾ نه پر پنهنجي ڪرنسي يو آن ۾ خريد ڪريون. اسين ڄاڻون ٿا ته شي جن پنگ جي خواهشن پنهنجي جڳهه تي پر ان بابت ڇو؟ يا هاڪاري سعودي پاران موٽ ڏيڻ وقت کان اڳ جي ڳالهه هوندي. جيڪڏهن هن تيل پيدا ڪندڙ تنظيم اوپيڪ تيل جي خريد و فروخت ڊالر ۾ نه ٿا ڪن ته پوءِ يو آن ۾ تيل ڏيئي سگهجي ٿو ۽ پوءِ دنيا اندر مالياتي نظام ۾ هڪ وڏو زلزلو اچي ويندو. چين کي سعودي عدل ۽ انصاف جي نظام ڏاڍو متاثر ڪيو آهي ۽ چين چاهي ٿو ته ان نظام سان چين فائدو حاصل ڪري. هوڏانهن سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان آمريڪا کي پيغام ڏنو آهي ته دنيا ۾ تون اسان کي اڪيلو نٿو ڪري سگهين. تون نه ته ٻيا به اسان لاءِ کوڙ سارا ملڪ آهن بحرالحال چيني صدر جي دوري کان پوءِ آمريڪا سخت پريشاني واري حالت ۾ آهي. هن وقت اولهه جي عرب ملڪن ۾ هڪ نئي صف بندي ٿي رهي آهي ۽ عرب ملڪن پنهنجو وزن چين ۽ روس جي ڪلهن تي اڇلائي ڇڏيو آهي. سعودي عرب هن وقت پنهنجو قبلو آمريڪا ڏانهن تبديل ڪري ڇڏيو آهي. آڪٽوبر ۾ جڏهن کان سعودي عرب سميت اوپيڪ ملڪن تيل جي پيداوار گهٽ ڪرڻ شروع ڪئي آهي تڏهن کان سعودي ۽ آمريڪا وچ ۾ تعلقات ڪشيدگيءَ جو شڪار ٿي ويا آهن. پهريان به ٻنهي ملڪن وچ ۾ رنجشون وڌنديون رهيون آهن خاص ڪري سعودي صحافي، خاشڪنجي جي قتل کان پوءِ. حالانڪه اهيو سعودي عرب جو اندورني معاملو آهي پر آمريڪا هميشه سعودي بادشاهه کي ۽ سندس پٽ کي ان حوالي سان بليڪ ميل ڪري سعودي عرب مان فائدو حاصل ڪندو رهيو آهي. روس يوڪرين جنگ کان پوءِ سعودي عرب جو لاڙو روس طرف وڌيل ڏسي آمريڪا وڌيڪ توائيءَ ۾ آهي. سعودي عرب تيل جي بدلي آمريڪا کان فوجي سيڪيورٽي وٺندو آهي. سعودي جر رهائشي منصوبي نيوم سٽي ويزن 2030 جي تعميراتي منصوبي ۾ آمريڪا به شامل آهي. پر روڊن رستن جا ڪم چين حوالي ڪيا ويا آهن. جديد ترين آئي ٽي ٽيڪنالوجي جي واڌاري لاءِ چين سان معاهدا ڪيا ويا آهن. جنهن ڪمپني سان سعودي عرب معاهدو ڪيو آهي ان تي آمريڪا جا چوسيءَ جو الزام پهريان ئي لڳائي چڪو آهي. سعودي ۽ چين لاڳاپن سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جا نوان در ضرور کلندا. سعودي عرب ۽ چين 30 بلين ڊالرن جي 34 معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن سعودي جي رهائشي منصبوبي NEOW تي 500 ارب ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي جيڪو دنيا جو وڏو رهائشي منصوبو آهي. ٻئي جنگ عظيم کان پوءِ آمريڪا جا مشرق وسطيٰ ۽ آفريڪا جي عرب ملڪن تي بالادستي قائم رهي آهي. حالانڪه ان بالادستي دوران آمريڪا کي مختلف مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو به پيو آهي. 1960 جي ڏهاڪي ۾ عربن جي تحريڪ جيڪا نج قوم پرستيءَ تي ٻڌل هئي پنهنجي عروج تي پهتي. مصر جو اڳوڻو صدر جمال عبد الناصر ان تحريڪ جو هيرو هيو. جنهن جي جادو جي لٺ سان 1958 ۾ عراق مغرب نواز حڪومت کي ختم ڪيو ويو. پر عرب تحريڪ فلسطين کي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي. 1967 ۾ عربن ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيل جنگ عربن کي وڏي شڪت ڏياري ويٺي. ۽ ائين عربن جي تحريڪ جي ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي. چوٿين عرب اسرائيل جنگ (1973-74) آمريڪا جي مدد سان اسرائيل ڪاميابي ماڻي. ۽ عربن جي قوم پرستي کي وڏو ڌچڪو ڏيندي انهن جي چيلهه ٽوڙي وڌي. 1991 ۾سرد جنگ جي خاتمي ۽ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ مشرق وسطيٰ ۾ آمريڪا جي بالادستي ۽ ڪنٽرول کي چئلينج ڪرڻ واريون باقي قوتون نه رهيون ۽ ائين آمريڪا دنيا جو اڪيلو سپر پاور ملڪ بڻجي ويو. ۽ پوءِ آمريڪا دنيا جي غريب ملڪن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنهنجو دٻدٻو وڌايو ۽ انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا. مشرق وسطيٰ ۾ شروع ئي کان وٺي چين جي دلچسپي رهي آهي. هن وقت چين دنيا ۾ پنهنجي مضبوطيءَ سان پير ڄمائي رهيو آهي. ۽ سي پيڪ جو ڄار وڇايو ويو آهي. 1971 ۾ چين سلامتي ڪائونسل ۾ مستقبل رڪن جي حيثيت سان حاصل ڪري چڪو آهي. چين ۽ سعودي عرب جا تجارتي تعلقات تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. هن وقت سعودي عرب چين کي ڪچو تيل ڏيندڙ دنيا جو وڏو ملڪ آهي. ۽ چين تيل خريدار طور وڏو ملڪ ٿي اڀريو آهي. چين چاهي ٿو ته سعودي عرب سان مضبوط تعلقات پيدا ڪري آمريڪا جا رستا بند ڪيا وڃن ۽ چين چاهي ٿو ته سعودي عرب ۽ ايران جو پاڻ ۾ هر ممڪن ٺاهه ڪرايو وڃي. جيئن آمريڪا جا مفاد دفن ٿي وڃن. سعودي – چين جي معاهدن تي آمريڪا ۽ يورپ کي وڏي ڳڻتي آهي ڇاڪاڻ ته يورپ جا به سعودي ۾ مفاد آهن. هن وقت آمريڪا مڪمل طور سعودي عرب تي ڀاڙي رهيو آهي. سعودي عرب صرف چين سان نه پر اسرائيل ۽ ڀارت سان به تعلقات مضبوط ڪري رهيو آهي.
