شھدادڪوٽ (ڊ ر) شھدادڪوٽ ۾ ڪڻڪ جو اٽو مھانگو ڪرڻ خلاف سماجي ڪارڪن لياقت کوسو جي اڳواڻي ۾ شھرين ۽ معصوم ٻارڙن ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. معصوم ٻارڙن ڳچيءَ ۾ مانيون ٻڌي “شرم ڪيو، حيا ڪيو، اٽو سستو ڪيو” جا نعرا هنيا. ھنن چيو ته اٽي جا اگهه مھانگا ڪرڻ ڪري اسان غريب ماني ڳڀي کائڻ لاءِ پريشان آهيون، معاملي جو نوٽيس وٺي اگهن کي فوري گهٽايو وڃي.
