عمرڪوٽ ۾ اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ خلاف جماعت اسلامي جي احتجاجي ريلي

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ جا اٽي چڪي مالڪ انتظاميه کان به ڏاڍا بڻيل آھن جن انتظاميه طرفان سستو اٽو وڪرو ڪرڻ واري ھدايتن تي ڪوبه عمل ناھي ڪيو ۽ پنھنجا ھٿرادو اگھ مقرر ڪري مھانگي ريٽ تي وڪرو ڪرڻ لڳا آھن جڏھن ته اٽي جو ريٽ گھٽ نه ھئڻ ۽ غريب ماڻھن کي وڌيڪ ريٽ تي اٽو ڏيڻ خلاف جماعت اسلامي ضلعي عمرڪوٽ طرفان ضلع جنرل سيڪريٽري خليل احمد کوکر، جان محمد سولنگي، خالد صديقي، احمد علي نھڙي، حنيف راهمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اٽي جو اگهه روز مره وڌندو وڃي پيو مارڪيٽ ۾ اٽو 6000 کان 7000 هزار في مڻ تي پھچي ويو آهي ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو ناهي خوشحال ڌرتي جا ڌڻي ٻه ڪلو اٽو وٺڻ لاءۡ لائين ۾ بيهي تڙپي مري رهيا آهن اٽو هر ماڻهو جي ضرورت آهي ٻچا بکيا آهن غريب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن حڪومت جا چونڊيل نمائنده پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن عوام جو هنن کي خيال ناهي اپوزيشن ۽ حڪومت هڪ پيج تي آھي ھنن چيو ته گذريل ڏينهن ٻه ڪلو اٽو خريدڻ ڪرڻ لاء ميرپورخاص ۾ ھڪ پيرسن سخت ڌٻجي فوت ٿي ويو انهي جي مذمت ڪيون ٿا اڳواڻن حڪومت وقت کان مطالبو ڪندي چيو اٽي سميت ٻين کاڌي جي شين اگھ تي ڪنٽرول عام ماڻھو کي رليف فراهم ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں