قمبر ۾ پ پ (ش ڀ) جي سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ، وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف احتجاجي ريلي

قمبر (ڊ ر) پ پ شهيد ڀٽو طرفان سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ ۽ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف جناح باغ قمبر کان احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر جهنڊا کڻي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي ريلي جي اڳواڻي ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،عرفان گوپانگ،طفيل سانگاھ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن کان 2200 في مڻ جي حساب سان ڪڻڪ خريد ڪئي هئي جيڪا هن وقت سندن گدامن ۾ پيل آهي ٻئي طرف ساڳئي ڪڻڪ جي اٽي جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي جنهن سبب ڏهاڙي دار طبقو سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي ميرپوخاص ۾ ڪڻڪ جي اٽي لاءِ پنهنجي قيمتي جان وڃائيندڙ پورهيت سنڌ جي حڪومت جي منهن مٿان چماٽ آهي هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ان پورهيت جي پونئير کي خون جو معاوضو فراهم ڪري هنن وڌيڪ چيو ته اٽي جي کوٽ ۾ سنڌ حڪومت پاڻ شامل آهي هنن چتاءُ ڏنو ته اگر اٽي جي فراهمي جلد کان جلد غريب تائين پهچائڻ لاءِ جوڳا قدم نه کنيا ويا تہ ٻئي صورت ۾ ڪامورن جي آفيسن جو گهيراء ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں